ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 3400 رپيا سستو: ڊالر 235 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ سنڌ صرافه ايسوسيئشن موجب تنظيم پاران سون جا اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ سونارن پاران نون زيورن جي بوڪنگ نه ڪرڻ سبب اگهن ۾ واڌ رڪجي وئي آهي، ڪالهه سون  3400 رپيا لاٿ سان 182500 مان 179100 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1800 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف  ڊالر 25 پئسا واڌ سان 234.70 مان 235 رپين تي  پهتو، هوڏانهن  پائونڊ ڏيڍ رپيو  لاٿ سان  299.5 مان 298  ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 261 مان 262 رپيا ٿي ويا