سون کي پر لڳي ويا: 800 رپيا مهانگو: ڊالر ۾50 پئسا لاٿ

0
232
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل
سون 3250 رپيا مهانگو: ڊالر 282 رپين تي بيٺل

 ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي  پر لڳي ويا، 800 رپيا مهانگو ٿي ويو، ڊالر ۾50 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 800 رپيا  اضافي سان 222000 مان 222800 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالرن جي واڌ سان 1942 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا لاٿ سان  293 مان 292.5 رپيا ٿي ويو

جڏهن ته چاندي 2800، پائونڊ 373 ۽ يورو 321.5 رپين تي برقرار رهيا