ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 1800 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ تمام وڏي واڌ ٿي. في تولي جي قيمت 1800 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 46 هزار 500 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي هڪ لک 48 هزار 300 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت  1580 رپيا برقرار رهي.جڏهن ته سونارا ايسوسيئيشن سون ۽ چاندي جي قيمت ان کان به وڌيڪ ڄاڻائي آهي. ايسوسيئيشن موجب سون جو تولو هڪ لک 48 هزار 450 رپين جو ۽ چاندي جو تولو هڪ هزار 620 رپين جو ٿي ويو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون مهانگو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 38 ڊالر واڌ ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 704 ڊالر في اونس ٿي وئي. هوڏانهن ناڻي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي. انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 65 پئسا سستو ٿي ويو ۽ ان جي قيمت 225 رپيا 63 پئسا ٿي وئي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ڏيڍ رپيو سستو ٿي ويو ۽ اهو 228 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو. ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 229 رپين ۾ وڪرو ويو ويو.