سوشل ميڊيا تي حڪومت مٿان تنقيد ڪندڙ آفيسر خلاف انڪوائري جو حڪم

0
362
سوشل ميڊيا تي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ تي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن حماد شميمي خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي حڪم تي الزامن جو متن ۽ جاچ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري 21 گريڊ جي آفيسر حماد شميمي خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن خلاف ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي جاچ ڪندو

آرڊر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ 21 جي آفيسر فيس بڪ تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سرڪاري آفيسر پنهنجي فيس بوڪ تبصري ۾ پي ٽي آءِ کي طالبان حڪومت سان تشبيهه ڏني.

انڪوائري آرڊر جي مطابق، حڪومتي اهلڪار تبصرو ڪيو هو ته ”پي ٽي آءِ ۽ طالبان جي وچ ۾ هڪجهڙائي اها آهي ته هو ان ڳالهه تي سوچي رهيا آهن ته ان کي ڪيئن هلايو وڃي جڏهن ته ٻنهي جي اميدن جو مرڪز آبپارا آهي, وزيراعظم جي حڪم جي روشني ۾ سرڪاري آفيسر خلاف انڪوائري ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.