چيف جسٽس سنڌ نينگري پريا ڪماري جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

0
513
معصوم پريا جي بازيابي عمل ۾ نه آئي: حڪومت طرفان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو
معصوم پريا جي بازيابي عمل ۾ نه آئي: حڪومت طرفان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

سکر : سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران روھڙي لڳ سنگرار واري علائقي مان گم ٿيل7 ورھين جي  نينگري پريا ڪماري واري معاملي تي نوٽيس ورتو ويو

  آء جي سنڌ کي 25 نومبر تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. آء جي سنڌ مشتاق مھر پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڊي آء جي لاڙڪاڻو جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ شامل پوليس آفيسر ڪجھ دير بعد سنگرار پھچندا

 ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ، ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ سنگرار پھچي پريا ڪماري جي وارثن سان ملاقات ڪري واقعي بابت تفصيل وٺندا . گذريل ڏينھن آء جي سنڌ مشتاق مھر به پريا ڪماري ڌيء راج ڪمار جي وارثن سان ملاقات ڪري کين نينگري جي جلد واپسي جي خاطري ڪرائي ھئي نينگري پريا ڪماري 9 محرم تي سنگرار مان پر اسرار نموني گم ٿي وئي ھئي.