سوال/سروي … هارين سان ظلم آهي، پاڻي کوٽ، پوءِ ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مهانگيون، فصل جو ملهه نٿو ملي، بارداڻو به وڏيرا ۽ واپاري کڻي وڃن ٿا: عوام

0
30

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته فصل جا خرچ جا وڏا، اگھه گھٽ، بارداڻو به نه ملڻ جون دانھون، ذميوار ڪير آهي؟ آبادگارن جا ڪھڙا مسئلا ڪيئن حل ٿيڻ گھرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هارين سان وڏو ظلم آهي، پهريان وقت تي پاڻي نٿو ملي، پوءِ ڀاڻ ۽ زرعي دائون بليڪ تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، فصل لهي ٿو ته انهي جو صحيح ملهه نٿو ملي، بارداڻو به وڏيرا ۽ واپاري کڻي وڃن ٿا، اهي مسئلا حل ڪيا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شاهد ميراڻي لکيو ته بارداڻي جي ورهاست واري پاليسي ئي درست ناهي، هتي هر پاليسي مقامي ڀوتارن جي فائدي لاءِ ئي ٺهندي آهي. ٻيو ته ڀوتارن جا پٽ ڀائٽيا ئي ضلعن ۾ ڊي ايف سي مقرر ٿيل هوندا ته پوءِ ڪنهن غريب کي بارداڻو ڪيئن ملندو؟ بابر وساڻ لکيو ته ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ حڪومتي ڌرين کي بارداڻو مليو آهي باقي ڪنهن به حقدار کي حق ناهي مليو، احسان علي چانڊيو لکيو ته بارداڻو وڏيرن کي ملندو رهيو آھي باقي رهي ڳالھه غريب مسڪين هارين جي اهي ساڳيا ويچارا ڌڪن ٿاٻن ۾ هوندا، اياز کهاوڙ لکيو ته هميشه جيڪو به فصل لهندو آ ته سرڪار ڪو نه ڪو ڊامو رچائي غريب هاري کي ڦُرڻَ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏيندي.هاڻَ به ساڳي صورتحال آهي ڪڻڪ جو فصل مهيني کان مارڪيٽ ۾ وڪجي پيو.مگر ڪنهن غريب کي بارداڻو نٿو ملي. راجا رميش لکيو ته آبادگارن جا مسئلا مشڪل حل ٿين، وحيد مستوئي لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت خوراڪ کاتو آھي. بعد ۾ آھي جن اگھه گھٽ ڪري شيون خريد ڪيون. سرڪاري سينٽر بند آهن بارداڻو نٿو ملي، ساجد حسين بلوچ لکيو ته هر فوڊ انسپيڪٽر سياسي هجڻ ڪري ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن کي باردانو ملندو ڪڻڪ جو ملھه گهٽ آهي، ثناءُالله مشوري لکيو ته ڪڏھن به ڪنھن غريب ھاري کي بارداڻو ڪونه مليو آهي، محمد فياض وساڻ لکيو ته بارداڻو سياسي ڀوتارن کي ملندو، رشوت جي بازار گرم آهي، بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيو اٿن في ٻوري جي قيمت 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، امداد علي به راءِ جو اظهار ڪيو، سڪندر علي لکيو ته دراصل بارداڻو اسان ننڍپڻ کان وٺي هيستائين گورنمنٽ جو بارداڻو ڏٺو ئي ناهي، محمد اسلم لکيو ته آبادگارن جو هٿ وٺي معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي فصل ڪهڙو به هجي ڪڻڪ ڪمند ڪپهه چانور مرچ مطلب هنن جي فصل لهڻ وقت سڀ ڪسرون پوريون ڪندا آهن، انور عباسي لکيو ته بدين ضلعي ۾ فوڊ کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن ڪڻڪ جو بارداڻو سياسي ڀوتارن ۽ واپارين کي ڏئي ڇڏيو آهي، آبادگارن جون رڙيون ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جمشيد علي لکيو ته نوشھرو فيروز ۾ غريب آبادگارن سان وڏو ظلم آھي، سينگار علي لکيو ته حڪومت هارين سان ظلم ڪري رهي آهي،مير عامر خان چانڊيو لکيو ته ھاري کي ھن سال پنج مھينا محنت جو اجر 20 ھزار روپيا بچيو ڪيڏو نه ظلم آ غريب ھاري سان، پرويز بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، ڄام فقير رند لکيو ته مسئلا حل ڪونه ٿيندا، خادم ايچ سومرو لکيو ته آبادگار ويچارا سورن ۾ آهن بارداني جي ورڇ صحيح نموني نٿي ٿئي، امداد علي ڪلهوڙو لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، ايم شريف لاشاري به سروي ۾ حصو ورتو، علي قربان ميراڻي لکيو ته آبادگارن سان وڏو ظلم پيو ٿئي، ضلعي گھوٽڪي ۾ ته بارداڻو حڪومتي عملدار واپارين کي وڪرو پيا ڪن، جي آر چانڊيو لکيو ته تعلقي سانگھڙ ۾ آبادگارن سان ظلم جي انتھا آهي، بارداڻو واپارين کي ملي ٿو، في ٻوري جي قيمت 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته فصل جا هڪ ته اگهه ناهن ٻيو ناجائز ڪٽوتيون ٿين ٿيون، ڪڻڪ جو بارداڻو به هارين آبادگارن بدران سياسي ڀوتارن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ورهايو، ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو لکيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن سان نا انصافي بند ڪريو، آبادگارن جي بدران واپارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ آبادگارن سان نا انصافي آهي، ڪڻڪ جي خريداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه 4000 رپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪيو ويو آهي پر واپاري 3300 يا 3400 تي في مڻ خريد ڪري رھيا آهن جيڪا سراسر نا انصافي آهي، ابراهيم خليل لکيو ته بارداڻو واپارين کي ڏئي آبادگارن کي لٽيو ويو آهي، سيف الله پنهور لکيو ته ھن وقت اسان جي علائقي کورواھه ۽ ڀرپاسي ۾ سورج مکي جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آھي،سورج مکي جي پوکائي تي تمام گھڻو خرچ ٿيو آھي سورج مکي پوکائي لاءِ ٻج 12000 رپيا في ڪلو مليو، ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري 15000رپيا ملي،يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 6000 رپيا مليو ھو پر هاڻي سورج مکي جو اگھه 5400 رپيا مڻ خريد ڪيو پيو وڃي ۽ وري في مڻ تي 15 ڪلو ڪٽ پڻ ڪئي پئي وڃي،سورج مکي جي فصل جو مناسب اگھه نه ملڻ ۽ ڪٽ ٿيڻ سبب لاڙ جا آبادگار ڪنگال ٿي رهيا آھن،  منٺار شاهاڻي لکيو ته جوهي تعلقي ۾ اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته بارداڻو ايم پي اي جوهي جي حڪم تي صرف جيالن کي ئي ملي پيو، جابر مهيسر لکيو ته ڀاڻ ۽ ٻج وڌيڪ اگھن تي ملن ٿا ڪڻڪ جا خريداري مرڪز آبادگارن کي رليف ڏيڻ بجاءِ واپارين کي فائدو ڏئي رهيا آهن، عبدالحفيظ کوسوبه سروي ۾ حصو ورتو، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته بارداڻو هڪ واپارين کي ملي ٿو ٻيو وري رشوت تي ڏنو وڃي ٿو، برڪت علي مهر لکيو ته ڦٽيءَ جي فصل ۾ هاري کي وڏو نقصان آهي ڊي اي پي ۽ يوريا ڪٿي آ ريٽ 7000 هزار نقلي ٻج نقلي دوائون رڳو دڪاندارن کي فائدو آهي هن سال ڦٽيءَ جو بائيڪاٽ ٿي پيو ان سان حڪومت کي نقصان ٿيندو ڪڻڪ به سستي ورتي وڃي پئي وڃي، اشفاق چانڊيو لکيو ته حڪومت سراسر غلط پئي ڪري حڪومت کي اسين گذارش ڪنداسين ته ڪڻڪ جو اگهه وڌايو وڃي، احمد مختيار لکيو ته اگهه وڌن ته به دانهون نه وڌن ته به دانهون ڪن ٿا، معشوق علي لکيو ته ڪرپٽ ڪامورا ذميوار آهن، شريف ڪنڀر لکيو ته سرڪار ذميوار آهي، شڪور ڀرڳڙي لکيو ته جنھن ملڪ کي تباھ ڪرڻو ھجي ته تعليم ۽ زراعت تباھه ڪئي ويندي آهي، امير بخش لکيو ته بارداڻو هارين بدران دڪاندارن کي ڏنو پيو وڃي، علي حسن کوسو ۽ عبدالواحد سهتو، خان وزير به سروي ۾ حصو ورتو، ياسين جوڻيجو لکيو ته سنڌ ۾ سڀ ڪم رشوت عيوض پيو هلي سرڪاري ڪامورا ايم پي اي، ايم اين اي انهن کي بارداڻو ملي پيو ننڍن زميندارن لاءِ بارداڻو ڪونهي فوڊ ڊپارٽمينٽ صرف رشوت عيوض بارداڻو ڪارخانيدار وڏن سيٺن کي ڏيئي غريبن سان ظلم ڪري رهيا آهن ڀاڱي ڀائيوار ڊي سي مختيارڪار، اي سي سڀ آهن غريبن کي ڪڏهن ميرٽ تي بارداڻو نه ملندو، نورالحق لکيو ته ذميوار اھي ڪامورا آھن ، شهزاد بلوچ لکيو ته چور حڪمران ذميوار آهن، بابر رستماڻي لکيو ته حڪمران ئي ذميوار آهن، نقاش پيرزادو لکيو ته حڪومت ۽ واپاري ذميوار آهن، مستقبل ۾ ڪڻڪ جي فصل ڏي ماڻھو جو ڪاھڻ ڏي گھٽ ڌيان ھوندو ڪلر مھانگو ٻج مھانگو تيل به مهانگو آهي وري ظلم ھاري سان اهو آهي ته صحيح اگهه به نٿو ملي، احسان علي لغاري لکيو ته اڪثر آباد گارن سان اھيو ڪيو ويندو آھي اسان جي شھر گلاب لغاري ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ آھي، علي حيدر لکيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ هارپو ڪجي پاڪستان ۾ هارين جي عزت ناهي، سنڌي شهزاد لکيو ته پاڪستان جي ھارين کي تباھه ڪرڻ جي ڪڍ لڳا پيا آهن. جي ھارين ھارپو ڇڏيو ته سڀ بک مري ويندا سون، گلاب خاصخيلي لکيو ته آبادگارن جا مسئلا سنڌ حڪومت جي ھٿ ۾ آھن سنڌ جي آبادگارن کي ھٿ وٺي ديوار سان لڳايو پيو وڃي پوکي ٽائم پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي، زرعي دوائون پاڻ نقلي ملن ٿا جن تي چيڪ ان بيلنس ڪونھي ھٿرادو اگھه وڌايا وڃن ٿا جنھن ۾ پڻ سنڌ حڪومت جي نااھلي آھي جڏھن ته فصل لھڻ مھل به فصل جو ريٽ ڪيرائي آبادگارن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي جيستائين سنڌ حڪومت ان معاملي کي سنجيده نه وٺندي ھي مسئلا حل نه ٿيندا، تعلقي سعيدآباد جي سرڪاري گُدامن تي سياسي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ڊي ايف سي مقرر ٿيل آھن جيڪي من پسند ماڻھن کي بارداڻو ڏئي رھيا آھن، ضلعي مان اڪثر فون ڪالز تي بارداڻي جي ورھاست ٿيندي رھي ٿي، بکرجمالي جي پيڊي مالڪن ڪڻڪ جو ريٽ ڪيرائي ھڪ هٽي قائم ڪري رکي آھي ان لاءِ ھتان جي آبادگارن کي ٻيڻو نقصان ٿي رھيو آھي، شفقت جروار لکيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن سان مسلسل ظلم پئي ڪري سنڌ جي زراعت کي ھٿي وٺرائڻ بدران پوئتي ڌڪيون پيو وڃي، بشير جوڻيجو لکيو ته آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي صوبي سنڌ جو گذر سفر زراعت تي آهي، پر حڪومت سنڌ زراعت کي تباھه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، بارداڻو واپارين کي کپايو ويو آهي، آبادگارن کي هٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت جا نمائندا مخالف پارٽيءَ جي ووٽرن کي ٻڌرائڻ تائين محدود آهن، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته اسان جي شھر داد لغاري ۾ هن مھل تائين سينٽر نه کلي سگھيو آهي، ابادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آهن ھتان جا وڏيرا ۽ صحافي بارداڻو وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، واپارين کي به بارداڻو ڏنو وڃي ٿو، آبادگارن کي بارداڻو نٿو مي، شاهين سومار لکيو ته زميوار سنڌ سرڪار آهي آبادگارن جو پهريو مسئلو آهي پاڻي جو جيڪو حل ڪيو وڃي پوءِ آهي ڀاڻ جو جيڪو بليڪ تي وڪرو بند ڪيو وڃي، علي غلام بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ آبادگارن سان ظلم سنڌ حڪومت ٿي ڪري، پنجاب ۾ ايئن ناهي جيئن سنڌ ۾ ظلم آ هارين سان، موهن لال لکيو ته زراعت کاتو رتي برابر ڪارڪردگي ڏيکاري ته يقينن آبادگارن ۾ خوشحالي اچي وڃي پر ايئن ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي انهي ۾ زرعي دوائون ۽ ڀاڻ مافيائون ملوث آهن بارداڻو ميرٽ بجاءِ پرچي تي ڏنو پيو وڃي آبادگارن جا مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن، ابوصفيان لکيو ته وڏن واپارين جي ڪري هاري تباهه ٿي رهيا آهن، ڀاڻ بليڪ تي ملي ٿو، عابد حسين لکيو ته هاري جي ڪڻڪ لهي ته 32سئو مڻ ۽ هنن وٽ پهچي ته پنج هزار رپيا مڻ ڇو؟ هاري مهانگي اگھه تي  ٻج زرعي دوائون وٺي ٿو ۽ فصل تيار ڪري ٿو آخر ۾ ملهه ئي نٿو ملي، اسد زرداري لکيو ته غريب ھارين سان حڪومت سدائين ظلم ڪيو آھي وڏن واپارين جي ڪري غريب هاري تباھه آهن ٻج ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، سرھاڙي شھر ۾ بارداڻو ھر سال جيان ھن سال به من پسند ماڻھن کي ڏنو ويو انھن جا ذميوار فوڊ انچارچ ۽ وڏيرا آھن، مظفر شبير بوزردار لکيو ته بوزدار وڏا ۾ من پسند سيٺن کي بارداڻو ملي رهيو آهي،  حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سڀ وڏيرن جو چالاڪيون آهن بارڌاڻو وڏيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو ملي ڀڳت ڪري رهيا آهن لکين ٻوريون ايم اين اي ايم پي اي حوالي ڪيو ويو آهن جيڪي هارين کان سستي ڪڻڪ خريد ڪري فوڊ کاتي ۾ جمع ڪرائي سرڪاري ريٽ وٺي رهيا آهن ظلم هارين سان آهي ڊي اي پي 15000 يوريا 6000 ٻوري ملي رهي آهي ڪڻڪ 3300 رپيا ظلم آهي، شاهد بلوچ لکيو ته حڪومت سراسر غلط پئي ڪري حڪومت کي اسين گذارش ڪنداسين ته ڪڻڪن جو اگهه وڌايو وڃي، امام الدين جلباڻي به سروي ۾ حصو ورتو، خميسو آريسر لکيو ته وڏن واپارين جي ڪري غريب هاري تباهه آهن وڏا واپاري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، عبدالرئوف به سروي ۾ حصو ورتو.