ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي جيلن ۾ قتل، منشيات، ڏوهن سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ قيد ڪاٽيندڙ 903 قيدي ايڊز، هيپاٽائٽس بي ۽ سي، ٽي بي، ذهني مرضن ۽ منشيات جا عادي هجڻ جو اعتراف، جيلن واري کاتي جي اختيارين جيلن ۾ پکڙيل خطرناڪ بيمارين بابت رپورٽ صحت کاتي جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ جيلن واري کاتي پاران تيار ڪيل رپورٽ موجب صوبي جي جيلن ۾ 363 قيدي منشيات جا عادي، 163 قيدي ايڊز، 16 قيدي ٽي بي، 72 قيدي هيپاٽائٽس سي ۽ 48 قيدي هيپاٽائٽس بي ۽ 241 قيدي ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ 28 باندي ذهني مرضن، 8 قيدي ايڊز، 2 قيدي منشيات جا عادي آهن، جڏهن ته نارا جيل ۾ 5 قيدي هيپاٽائٽس سي ۽ 12 قيدي هيپاٽائيٽس بي، 2 قيدي ٽي بي ۾ مبتلا آهن. لاڙڪاڻي ۾ 2 قيدي ايڊز، 37 منشيات استعمال ڪندڙ، 7 هيپاٽائٽس سي ۽ 5 هيپاٽائيٽس بي ۽ 42 قيدي ذهني مرض ۾ مبتلا آهن، سکر سينٽرل جيل ۾ 2 قيدي ايڊز، 4 قيدي ٽي بي، 5 قيدي هيپاٽائٽس بي ۽ 7 قيدي ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته خيرپور جيل ۾ 3 قيدي منشيات جا عادي، 2 قيدي هيپاٽائٽس بي، هڪ قيدي ٽي بي ۽ 3 قيدي ذهني بيماري ۾ مبتلا آهن. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 70 قيدي ايڊز، 70 قيدي منشيات جا عادي، 2 قيدي هيپاٽائيٽس بي ۽ ڪراچي عورت جيل ۾ 2 قيدياڻيون هيپاٽائٽس بي ۽ 4 قيدياڻيون هيپاٽائٽس سي، 4 قيدياڻيون ٽي بي ۽ 120 قيدياڻيون ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن. ميرپورخاص جيل ۾ 4 قيدي ايڊز، 12 قيدي منشيات جا عادي، 2 قيدي هيپاٽائيٽس سي، 7 قيدي ذهني مريض آهن. ملير جيل ۾ 77 قيدي ايڊز، 169 قيدي منشيات جا عادي، 5 قيدي ٽي بي، 45قيدي هيپاٽائيٽس بي ۽ 26 قيدي ذهني مرضن ۾ مبتلا آهن. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بدين جي جيل ۾ 17 قيدي منشيات جا عادي آهن، جڏهن ته گھوٽڪي ضلعي جيل ۾ 14 مريض منشيات جا عادي ۽ هڪ قيدي هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا آهي. نوشهروفيروز ضلعي جيل ۾ 5 قيدي منشيات جا عادي آهن، جڏهن ته سانگھڙ جيل ۾ 5 قيدي منشيات جا عادي، 3 قيدي هيپاٽائٽس سي ۽ 2 قيدي هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا آهن. شهيد بينظير آباد ۾ 22 قيدي منشيات جا عادي ۽ 2 قيدي هيپاٽائيٽس بي ۾ ورتل آهن. شڪارپور جيل ۾ 2 قيدي ذهني مرضن ۽ هڪ قيدي هيپاٽائيٽس بي ۾ ورتل آهي.