ڪراچي: سنڌ جي جيلن ۾ سڌارا آڻڻ بابت چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي محتسب جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين پاران جيلن ۾ آندل سڌارن بابت آگاهي ڏني وئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ چيو ته جيلن ۾ بهتري لاءِ تعليم ، صحت، سوشل ويلفيئر کاتا سول سوسائٽي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. جيلن سڌارن جي نگراني لاءِ اوور سائيٽ (نگران) ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن. جن ۾ عدليه، سول سوسائٽي، تعليم ۽ صحت جا ماهر ۽ سرندي وارا ماڻهو شامل آهن. اجلاس کي جيل اختيارين ٻڌايو ته صوبي جي جيلن ۾ “پرزن انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم” لڳايو ويو آهي، جيڪو 2 نومبر تي شروع ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري اميد ڏيکاري چيو ته انهي سسٽم سان جيلن جي مانيٽرنگ ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري ايندي. آءِ جي جيلز ٻڌايو ته ٺٽي، شهيد بينظيرآباد ۽ ملير جيلن ۾ وڌيڪ بيرڪون تعمير ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ويسٽ ۾ 800، ٿرپارڪر ۾ 300، قمبر ۾ 200 ۽ ڪشمور ۾ 300 قيدين جي گنجائش جا ڊسٽرڪٽ جيل ٺاهيا پيا وڃن، ميرپورخاص جي ضلعي جيل کي سينٽرل جيل طور اپگريڊ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وفاقي محتسب چيو ته سموريون نگران ڪاميٽيون جيلن جا دورا ڪري رپورٽ ڏين