سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙَي سان وسڪارو جاري، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد سيءُ وڌي ويو

0
191
سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙَي سان وسڪارو جاري
سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙَي سان وسڪارو جاري، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد سيءُ وڌي ويو

سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙَي سان وسڪارو جاري، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد سيءُ وڌي ويو

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ برسات، قمبر، شهدادڪوٽ، اوٻاوڙو، بهرام، قبو سعيد خان، ڏوڪري، مرزاپور، ميروخان، بخشاپور، سيهڙ، ڳيريلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسڪارو، ڪنڌرا، ڪچي پُل، سيهڙ، ميرپور ساڪرو، ڪُنري ۽ ننگرپارڪر ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

ننگرپارڪر ۾ وِڄ ڪرڻ سبب گهر ٻاهران بيٺل ٻڪري مري وئي، ڄامشورو، مٽياري، ڪوٽڙي، ڀٽ شاهه، هالا، جاتي، گهارو، ڪيٽي بندر، دڙو ۽ شهدادپور ۾ وسڪارو، برسات دوران بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول،  اڪثر شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويا،  عام زندگي متاثر

بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا

بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا، ڪوئيٽا، مستونگ، چمن، ڊيرا مراد جمالي، سبي ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، بلوچستان جي وڏي وزير پاران پي ڊي ايم اي کي برسات دوران هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ جي هدايت

هن کي به پڙهندا

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات