ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ ۾ هاڻ هر پي ايڇ ڊي هولڊر آفيسر کي ماهوار 25 هزار رپيا پي ايڇ ڊي الائونس ملندو،سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري کي پي ايڇ ڊي هولڊر آفيسرن جي الائونسز بابت سمري وڏي وزير کي اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سادات جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو جي درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته سمورن پي ايڇ ڊي هولڊر آفيسرن کي ماهوار الائونس طور 25 هزار رپيا ڏنا وڃن، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري 15 ڏينهن ۾ سمري وزيراعليٰ سنڌ کي اماڻي، عدالت چيو ته ڪنهن به کاتي جي پي ايڇ ڊي هولڊر آفيسر سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، سمورن کاتن جي پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙ آفيسرن کي هڪجهڙو الائونس ڏنو وڃي. درخواست گذار ڊاڪٽر لياقت موقف اختيار ڪيو هو ته ڪجهه پي ايڇ ڊي هولڊرن کي 25 هزار ۽ ڪن کي وري 10 هزار ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ سرڪار موقف اختيار ڪيو ته صرف يونيورسٽيز ۾ مقرر ٿيل پي ايڇ ڊي هولڊر پروفيسرن کي 25 هزار رپيا الائونس ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ پي ايڇ ڊي هولڊر آفيسرن کي 10 هزار رپيا ماهوار الائونس ڏنو پيو وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته اهڙو امتيازي سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟، چيف سيڪريٽري 15 ڏينهن ۾ سمري وزيراعليٰ سنڌ کي اماڻي، صوبي ۾ سمورن پي ايڇ ڊي هولڊرن کي 25 هزار رپيا الائونس ڏنو وڃي.