ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت جناح سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي 21 گريڊ جي پروفيسر ناصر سليم سڊل کي اين آءِ سي ايچ جو سربراھ مقرر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير جي منظوري بعد چيف سيڪريٽري سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ٻارڙن جي سڀ کان وڏي اسپتال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايچ ) ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر واري ڪافي ڏينهن کان خالي پيل عهدي تي مقرري ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر جمال رضا جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وارو عهدو خالي پيل هو. واضح رهي ته 18هين گريڊ جو ناصر سليم سڊل اين آءِ سي ايچ مان ٽن سالن جي ليئان تي جناح سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ويو هو، جتي هن 21هين گريڊ ۾ پروفيسر طور ترقي ماڻي هئي. رولز موجب ليئان تان واپس ايندڙ ڪامورو يا ڊاڪٽر پنهنجي اداري ۾ ساڳئي گريڊ ۾ واپس ايندو آهي پر سنڌ حڪومت کيس واپس اچڻ تي 18هين بجاءِ 21هين گريڊ جو عهدو حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر جمال رضا جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد “پنهنجي اخبار” اها خبر به شايع ڪئي هئي ته ناصر سليم سڊل کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويندو، ڪالهه سندس مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.