سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري، مختلف سينٽرز تي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ

0
289

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري آهن، مختلف امتحاني سينٽرز تي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويا، اڪثر امتحاني مرڪزن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا

 سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، مدئجي، گپچاڻي ۽ دوڙ ۾ پيپر واٽس ايپ گروپن ۾ پهچي ويا، حيدرآباد ۽ قاضي احمد سميت مختلف شهرن جي امتحاني سينٽرز ۾ موبائل فون ذريعي ڪاپي جي ڌم متل رهي

عمرڪوٽ ۾ امتحاني سينٽرز تي ڪاپي تي ضابطو آڻڻ ۾ پوليس توڙي انتظاميه ناڪام ٿي وئي، شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ به وڏي انگ ۾ ماڻهو سينٽرز ٻاهران پهتل آهن

سٺ ميل جي هاءِ اسڪول ۾ پهتل پيپرز مان 40 کان 50 سواليه پيپر خالي نڪتا، جنهن سبب شاگرد ۽ انتظاميه سخت پريشاني جو شڪار آهي، موهن جو دڙو ۾ پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو

جڏهن ته امتحاني سينٽر مان هڪ شاگرد جي جوابي ڪاپي به ٻاهر موڪلي وئي، نيو سعيد آباد ۾ پيپر دير سان پهچڻ سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان شروع، مختلف سينٽرز تي ڪاپيءَ جي ڌُم متل