سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي پڪا گهر ٺهرائي ڏينداسين: آرمي چيف

0
402
متاثرن کي پڪا گهر ٺهرائي ڏينداسين
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي پڪا گهر ٺهرائي ڏينداسين: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي هن ڀيري پڪا گهر ٺهرائي ڏينداسين ته ماڻهو اڳتي اهڙين مصيبتن کان بچي سگهن

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته، راشن ٽَنز ۾ گڏ ٿي رهيو آهي، راشن جو ايترو مسئلو نه ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جِي تمام گهڻي ضرورت آهي
هن چيو ته دوست ملڪن سميت ٻين ملڪن مان به تمام گهڻي امداد اچي رهي آهي، پيسا به ايندا
ڪالام مان هيليڪاپٽر ذريعي سوات منتقل ڪيل متاثرن سان آرمي چيف ملاقات ڪئي

ڪاجو ڪينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته، ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه، صوبائي حڪومتون ۽ فوج گڏجي سروي ڪنديون
آرمي چيف ڪالام ۾ غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي سهائتا ۽ بحالي لاءِ 16 ڪروڙ ڊالرز امداد جي اپيل