حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس جي انجڻ کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ بس اندر سوار شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. پوائنٽ بس ڄامشورو مان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي کڻي حيدرآباد اچي رهي هئي ته راجپوتانه اسپتال جي ويجهو انجڻ مان اوچتو دونهون اٿڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي باهه به ڀڙڪڻ لڳي. باهه لڳڻ جي ڪري ڪيترائي شاگرد هلندي بس مان ٽپو ڏئي هيٺ لهي ويا. ڪنهن جاني نقصان جو ڪو اطلاع نه مليو آهي. علائقي جي پوليس به بس جي انجڻ کي لڳل باهه کان بي خبر رهي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن امر آڪاش لاکو، آسيس لغاري، ارسلان آريسر، سردار چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي جي انتظاميا شاگردن کان ڳريون فيون ته وصول ڪري ٿي پر بهتر ٽرانسپورٽ نٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته پرائيويٽ ٽرانسپورٽ شاگردن کي آڻڻ ۽ نيئڻ جو ڪم ڪري ٿي. اها ٽرانسپورٽ ناڪاره ٿي چڪي آهي. پئسا بچائڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. هنن گهر ڪئي ته بهتر ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شاگرد احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا.