شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ ريلوي ملازم رانجھو زرداري احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته سانگهڙ روڊ تي رات جو نشي ۾ ڌت اي ايس آءِ برڪت لغاري ۽ ون فائيو انچارج هادي بخش لغاري پي ٽي سي ڦاٽڪ کولڻ لاءِ چيو، انڪار تي پوليس عملدارن گارگند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي، هن چيو ته موسان ظلم ٿيو آهي، نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل پوليس عملدارن بخش لغاري ۽ برڪت لغاري ٻڌايو ته جٽيا ٿاڻي تان واپس ايندي ڦاٽڪ بند پيل هو ۽ گيٽ مين کي ڦاٽڪ کولڻ جو چيو، جنهن بعد منهن ماري ٿي، هنن چيو ته اسان ملازم تي تشدد ناهي ڪيو، بي بنياد الزام هنيا پيا وڃن.