سنڌ هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پي ٽي آءِ جا گرفتار ڪارڪن آزاد

0
169

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، علائقي جي مئجسٽريٽ کان ضمانت ملڻ بعد سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو

پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت حڪومتي ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ سنڌ هائوس تي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن بعد پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو

اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي 13 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ منتقل ڪيو، جتي شهباز گل پوليس اسٽيشن پهچي پي ٽي آءِ ايم اين ايز کي ضمانت تي آزاد ڪرايو

 

 

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو سنڌ هائوس تي حملو، گيٽ ٽوڙي اندر داخل