حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ سرڪار وٽ حيسڪو جون 12 ارب رپين کان مٿي رهتون رهيل آهن جنهن ڪري حيسڪو ڪيترائي ڀيرا رهتن جي ادائگي لاءِ صوبائي حڪومت  پاران جوڙيل انرجي کاتي کي خط به لکيا آهن پر کين رهتون ادا ناهن ٿي سگهيون. حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر جو چوڻ آهي ته حيسڪو ريجن ۾ صوبائي کاتن جي آفيسن کي 15967 بجلي جا ڪنيڪشن فراهم ڪيا ويا آهن جن تي حيسڪو جون 6105.354 ملين رپيا رهتون رهيل آهن جڏهن ته صوبائي خودمختيار اداري جي آفيسن وٽ سندن 2 هزار 465 ڪنيڪشن موجود آهن جن حيسڪو کي 2541.597 ملين رپيا ادا ناهن ڪيا. ترجمان موجب ته مڪاني کاتن جي آفيسن ۾ 378 بجلي جا ڪنيڪشن لڳل آهن جيڪي پڻ کين 153.222 ملين رپيا ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ان کان علاوه 13 ضلعن ۾ قائم ضلعي حڪومتن جي آفيسن کي پڻ حيسڪو پاران 5608 بجلي جا ڪنيڪشن لڳائي ڏنا ويا آهن. ڄاڻايل ادارا به سندن 1005.215 ملين رپين جا قرضي آهن جن کي رهتن لاءِ بار بار نوٽيس به اماڻيا ويا آهن جڏهن ته حيسڪو ريجن ۾ قائم ٽي ايم ايز کي به 2412 بجلي جا ڪنيڪشن لڳائي ڏنا هئا جن وٽ به 2856.314 ملين رپين جون رهتون رهيل آهن جيڪي کين ادا ناهن ٿي سگهيون جنهن ڪري حيسڪو پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ کان پڻ قاصر بڻيل آهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته حيسڪو جون اپريل تائين سمورن ادارن وٽ 12761.702 ملين رپيا رهتون هيون جڏهن ته ڄاڻايل ادارن وٽ مئي جون رهتون به رهيل آهن جڏهن ته هاڻي جون جو مهينو به پورو ٿيڻ وارو آهي پر رهتن جي ادائگي ناهي ڪئي وئي. هاڻي حيسڪو پاران ايندڙ مهيني کان سندن بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا ته جيئن هو حيسڪو کي رهتون ادا ڪري سگهن.