حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو جي پريٽ آباد گرڊ اسٽيشن جي عملي کي مبينا  طور اغوا ڪري حراسان ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ گذريل ڏينهن حيسڪو پوليس جي مدد سان بجلي چورن خلاف ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن پاران مبينا طور 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر گم ڪيو ويو جنهن تي ايس ڊي او پريٽ آباد حيسڪو حسيب عالم ٽرانسفارمر جي مبينا چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ راهوڪي ٿاڻي تي ليٽر به جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته حيسڪو پاران رهتن جي وصولي لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن. گذريل ڏينهن حيسڪو آپريشن سب ڊويزن ڦليلي سيد نبي شاهه، حيسڪو پريٽ آباد محمد حسيب عالم، ڊي ايس پي حيسڪو جهانگير راهوڪي ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران چوري جا لڳل ڪيترائي ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا. ترجمان موجب ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ حيسڪو پاران 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر لڳايو ويو هو جيڪو ڳوٺاڻن مبينا طور غائب ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل ٽرانسفارمر تي رجسٽرڊ بجلي صارفين جو تعداد 35 آهي جن تي 59 لک رپيا رهتون آهن جيڪي هو ادا نٿا ڪن ان ڪري ڄاڻايل ڳوٺ کي 11 ڪي وي مان فراهم ٿيندڙ بجلي جون تارون به ڪٽي ڇڏيون آهن جڏهن ته ٽرانسفارمر غائب ڪرڻ تي ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ليٽر به جمع ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سخي عبدالوهاب شاهه حيدرآباد سٽي تي ڳوٺاڻن مبينا طور ٻن ملازمن کي اغوا ڪيو هو.