سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ باٿ روم جي سهولت نه هجڻ جو اعتراف :لاڙ، ٿر ۽ ڪاڇو پوئتي پيل

0
259

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جا سرڪاري اسڪول پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ باٿ روم جي بنيادي سهوليتن کان محروم هجڻ جو اعتراف، ميرپورخاص ۾ 50 ، سانگھڙ ۾ 52 ۽ نوشهري فيروز ۾ 42 سيڪڙو کان وڌيڪ اسڪولن ۾ واش رومن جي سهوليتن موجود ناهي! ساڳئي ريت ٺٽي ۾ 67 ، عمرڪوٽ ۾ 66 ۽ ڄامشوري جي 64 سيڪڙو کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهوليت موجود ناهي

ان ڏس ۾ تعليم کاتي جي ماتحت اداري ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) پاران سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهوليتن بابت تيار ڪيل ڇرڪائيندڙ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ 21، خيرپور ۾ 24 ، حيدرآباد ۾ 29، مٽياري ۾ 29، سانگھڙ ۾30، شهيد بينظيرآباد ۾ 35، ڪشمور ۾ 38 ، ڪراچي ويسٽ ۾ 39 ، دادو ۾ 38 ، شڪارپور ۾ 40 ، ٽنڊي محمد خان ۾ 44، ملير ۾ 46، ميرپورخاص ، جيڪب آباد ۽  بدين ۾ 51_51 ، ٽنڊي الهيار ۾ 53 سيڪڙو، قمبر ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ 54_54،  ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 66_66 ، ٺٽي ۾ 67 ۽ سجاول ضلعي ۾ 74 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهوليت موجود ناهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سجاول جي 62 ، ٺٽي ۾ 60، ڪشمور ۾ 56، عمرڪوٽ ۾ 56، سانگھڙ ۾ 52 ، ٽنڊي محمد خان ۾ 51، ، بدين ۽ جيڪب آباد ۾ 51_51، ميرپور خاص ۾ 50، ٿرپارڪر ۾ 49،  سانگھڙ ۾ 44، دادو ۾ 43، نوشهري فيروز ۾ 42، شهيد بينظيرآباد ۾41، قمبر ۾ 39، خيرپور ۾ 38 ، ڄامشوري ۾ 24 ، ملير ۾ 33 ، گھوٽڪي ۾ 32 ، سکر  ۽ مٽياري ۾ 28 _28، حيدرآباد ۾ 22 ، ڪراچي ويسٽ ۾ 20 ، ايسٽ ۾ 7 ، ڪورنگي ۾ 6 ، سينٽرل ۾ 5 ، لاڙڪاڻي ۾ 4 ۽ سائوٿ ۾ 3 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ واش رومن جي سهوليت موجود ناهي