ڪراچي: ڪراچي ڊويزن ۾ 5 سال اڳ جاري ٿيل رپورٽ جي ڀيٽ ۾ 714 سرڪاري اسڪول رڪارڊ مان ئي غائب  ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، واضح رهي ته سال 2018_19ع جي مانيٽرنگ رپورٽ ۾ ڪراچي ڊويزن اندر اسڪول جو تعداد 3036 ڄاڻايو ويو هو، جڏهن ته 2023ع جي مانيٽرنگ  رپورٽ ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ سرڪاري اسڪولن جو انگ 1916 ظاهر ڪيو ويو آهي. جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته 5 سالن دوران ڪراچي ڊويزن مان 714 سرڪاري اسڪول غائب ٿي ويا آهن. وڏي انگ ۾ پرائمري ۽ سرڪاري اسڪولن جو تعداد گھٽ ظاهر ٿيڻ تي وڏا سوال پيدا ٿي ويا آهن.