سنڌ جي ثقافت کي سونهن بخشيندڙ ڪردار !

0
571

سنڌ اها ڌرتي آھي جتي سڀ کان پهرين تهذيبن جو سج اڀريو ۽ موهن جي دڙي جي ماڻھوءَ دنيا جي سرواڻي ڪندي اهو سمجهايو ته جيئڻ ۽ زندگيءَ کي ڀرپور نموني جيئڻ ڪيئن ٿيندو آھي! هي علم ادب ۽ آرٽ جي ماءُ ڌرتي آھي جنهن جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ اها نرتڪيءَ جي مورت آھي جنهن کي اڄ پاڻ سمبارا ۽ دنيا Dancing Girl طور سڃاڻي ٿي! موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران مليل انهي مورت دنيا جي سامهون اهو سچ پڌرو ڪري ڏنو ته دنيا ۾ آرٽ يا نرت جو فن هن تهذيب مان اسريو! ڳائڻ، نچڻ ۽ شعر چوڻ اهي سڀ فن هڪٻئي جا لازم جز آھن ۽ نرتڪيءَ جي مورت جو اهو انداز نه صرف نرت پر موسيقيءَ جي فن جي هن سرزمين تان پروان چڙھڻ جي به هڪ گواهي آھي.
انهي هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ سنڌو ماٿري جون ريتون رسمون اڄ به اهي ٻهراڙيءَ جون ٻاگهل ٻايون ڳوٺن واهڻ وسندين ۾ پنهجي ڏات ذريعي سنڌ جي ثقافت ۽ فطرتي رنگن کي سنڀاريو اچن. سنڌ ۾ دراوڙ دور کان هلندڙ شادين جون رسمون هجن يا هٿ جا هنر اڄ به پنهجي هٿن ۽ سُرن سان سنڌ جي ثقافت کي نروار ڪري بيٺا آهن، انهن مان سنڌ جي ثقافت جو اهم جز مارواڙي، گجراتي، ڍاٽڪي، سنڌي لوڪ گيت، ڳيچ سهرا لاڏا يا سنڌ جي ثقافتي لڪير مان گم ڄاڻايل سنڌ جون ڪافيون جيڪي هن جديد دور ۽ نئين گيتن کي اڄ به مات ڏيو بيٺون آهن. دراوڙي لوڪ گيت اهي آهن جنهن مان نه صرف سنڌ جي رسمن جي خبر پئي ٿي پرسنڌ جي تاريخ ۽ ٻولي ۾ گھڻي مدد ملي ٿي ته آڳاٽي زماني جي هڪ گجراتي لوڪ گيت مان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته اسڪول کي نيهار چيو ويندو هو يا موهن جي دڙي مان مليل سمبارا جي مورتي جنهن کي ناچڻي چيو وڃي ٿو اها صرف هڪ مورتي نه هئي پر اڄ به دراوڙن جي ذاتين ۽ مڱڻهارن ۾ سمبارا يا سنڌي ناچ جي نالي سان اهو رقص عورتاڻي رسمن ۾ ڪٿي ڪٿي نظر به اچي ٿو. مون جڏهن سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ، ٽنڊومحمد خان حيدرآباد مٽياري ضلعن ۾ لوڪ گيتن ۽ ڪافيون ڳائيندڙ عورتن سميت سنڌي ثقافت ريتن رسمن رهڻين ڪهڻين جي سروي جي شروعات ڪئي ته ڪجھه ريتن رسمن ۽ رهڻين ڪهڻين جي ڪري به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو جتي وڃان اهو جواب ته اسان جون مايون رڪارڊنگ نه ڪرائينديون ۽ نه ئي ٽي وي اسڪرين تي اينديون، هر ذات جون پنهجو ريتون، رسمون، رهڻيون، ڪهڻيون ڪير ڪنهن تي دٻاءَ نٿو وجهي سگهي،نيٺ دراوڙي ذاتين ڪولهين ، مينگهواڙن ڪوچڙن ، باگڙِين، جوڳين ڀٽن، سوٽهڙن، موچين،سوچين ريٻارين، ڀيلن گرگلن، شڪارين سميت ٻين دراوڙي ذاتين کان ان شرط تي رڪارڊنگ شروع ڪيم ته گهونگهٽ ۾ ئي ڳايو توهان جو منهن نه ايندو پوءِ ايئن شروعات ڪيم ته سنڌ جيڪا تاريخ ثقافت ،فطرت پسند طور پڙهي ۽ ٻڌي وئي هئي ايئن ئي سامهون نظر اچڻ لڳي. جيئن ٽنڊي الهيار ضلعي جي ڳوٺ حاجي پيارو خاصخيلي جي ڪڇي ڪولهين جي لاڏن گهڻو ڪجھه ٻڌڻ سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏنو جن جي گجراتي لوڪ گيتن جا ٻول ۽ انهن جو ترجمو هيئن آهي ته ،،،
ڳيڌي ڌڙي رمتان نيلا ناريل زين سين گھرين آيو،
ترجمو :کينوڙي راند رهندي سائو ناريل کٽي گھر آيو.
مور ٻيٺو املياني ڏار، ڪوئل ٻيٺي گڍ ني ڪونگريئين
ترجمو :مور ويٺو انب جي ٽار تي ڪوئل ويٺي محل جي ڪونگرين تي.

نيلا پيرا وڙلانا پاند همريا پاند نون وڙلو ورهي
ترجمو: اسان جي ساون پنن کي وڇوڙو ٿو ڇاڻي
نيلا نيالا زاٻوڻان تيسي نيليون رانيون لاڏڙلا نيون
ترجمو: ساوا ساوا ڄمون ان کان به سايون ڄڃون گھوٽ جون
سوڙي سوڙي ڏيس ، چارين ڏسين ڏيٺو.
ترجمو:باغ ۾ سائو ٻوٽو ڦٽو چئني پاسي بهار ڏٺي
جتي دراوڙي لوڪ گيت فطرت پسند آهن ته انهن پراڻن لاڏن مان اسان کي پنهجا گم ٿيل اکر يا نالا به ملن ٿا جيئن هڪ لاڏي جا ٻول آهن ته،،
لاڏڙلي ناڏاڏا نيهار يون کولاوو مارو ڀڻتريو لاڏوڀڻوا آيو ،
ترجمو:ڪنوار جا ڏاڏا اسڪول کولرايو ڏاهو گھوٽ پڙهڻ آيو،
اهڙي طرح اسان کان وڃايل اسڪول جو سنڌي نالو به انهن لاڏن مان ظاهر ٿئي پيو ته پراڻي دور ۾ اسڪول کي نيهار چيو ويندو هو
جڏهن ٻئي مرحلي ۾ٽنڊي آدم جي حاجي فقير مڱڻهار جي خاندان جي حوالي سان خبر پئي ته اهي پراڻا ڳيچ سهرا ۽ سٺيون ڪافيون ڳائين ٿيون جن وٽ ويس ته انهن به اهو جواب ڏنو ته اسان گهرن ۾ ڳائينديون آهيون اسڪرين تي اچڻ کي مناسب نٿيون سمجهيون ،پر لوڪ گيت ۽ ڪافين کي رڪارڊ ڪرڻ چئلينج هو سو منٿ ميڙ بعد انهن کي به راضي ڪيم، وري ڪڙي ڪڙي سان ملي واري چوڻي آساني پيدا ڪئي اتان ڏس پيو ته ٽنڊي محمد خان ۾ شهزادي مڱڻهار سميت چار ڀينرون به بهترين راڳڻيون آهن، جڏهن اتي هڪ سفارش تي پهتس ته رڪارڊنگ کان اڳ ئي گهر جي حالت ڏسي ڌڻين کان اڳ پاڻ بي حال ٿيس ويهڻ لاءِ ڪا کٽ نه هئي وڇائڻ لاءِ نک چٽائي نه هئي چار جهور پيرسن ڀينرن وٽ آڻين ۽ چاڙهين واري به حيثيت نه هئي. لاڪ ڊائون سبب ڀت پوت به بند هجڻ سبب ٻن مان هڪ وقت جي سولي رکي ماني به نصيب ۾ نه هئن ، پر هنن ان حالت ۾ به اسان کي مان ڏيندي ڳيچ ۽ ڪافيون ڳائڻ شروع ڪيون 8 ڪافيون ۽ نو ڳيچ رڪارڊ ڪرايا.
هن وقت ڪو وڙلو وڃي سنڌ جي نج ڪافي ڳائڻ وارو مرد فنڪار بچيو هوندو ٽنڊي آدم جون زينت، سڪينا زينب مڱڻهار ٽئي ڀينرون پنهجي خانداني روايتن کي برقرار رکيو اچن. هنن جي ڏاڏي حاجي فقير مڱڻهار جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آهي حاجي فقير اهو هيرو آهي جنهن سنڌ پنجاب جي مڱڻهارن ۾ ٿيندڙ وڄت جا لڳاتار پنج ڀيرا مقابلا کٽي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. هي ٽئي ڀينرون ان عظيم راڳڻ مائي ڀرائي مڱڻهار جون نياڻيون آهن جنهن جو راڳ ۾ مشهور فنڪارا جيوڻي ٻائي سان ٻيراڻيءَ ۾ مقابلو ٿيو جيڪو کٽي هن وڏو نالو ڪمايو. ٽنڊي محمد خان جي نامورراڳڻ مائي امت مڱڻهار جون ڌيئرون شهزادي مڱڻهار ۽ سندس ٽي ٻڍڙيون ڀينرون سنڌي ڪافي ۽ انهن پراڻن ڳيچن سهرن کي جيئن جو تيئن جياريو اچن جيڪي لطيف سرڪار، بلي شاھه، بابا غلام فريد، قاسم شاھه، حمل ،چيزل، سچل سميت وڏن وڏن صوفي شاعرن جون ڪافيون ڳائي پنهجن ٻولن آلاپن ذريعي من موهيندڙ آوازن سان ڪافي جي راڳ کي جيئندان ڏيو اچن . هي اهي لوڪ گيتن ۽ ڪافين جون ديويون آهن جن وٽ ملڪ جي مايا ناز گلوڪاره عابد پروين به هلي آئي ته اهي پراڻن لوڪ گيتن کي اسڪرين تي کڻي اچن پر غربت ۽ سرڪاري سرپرستي نه هجڻ ڪري عورتاڻين تقريبن ۾ گذر سفر ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري رهيون آهن. هو وسيلن جي اڻهوند غربت ۽ بنا سرڪاري سرپرستي باوجود نوجوان ٽهي کي گهرن ۾ پراڻن لوڪ گيتن ۽ ڪافين جي سکيا ڏئي سنڌ جي ثقافت جي حقيقي روح کي لولي ڏينديون اچن، سرڪار نامدار کي ڀلي نظر نه اچن پر سنڌ ۾ اڄ به سون جي تعداد ۾ نج سنڌي ڪافي يا پراڻا ڳيچ ڳائڻ واريون سنڌ جون سرسوتي ديويون موجود آهن جيڪي پنهجي سرن، جهمرين ۽ آلاپن سان سنڌو ماٿري جي بهارن کي بچائڻ ۾ اڳڀريون نظر اچن ٿيون. اسڪرين جي دور ۾ به سنڌوءَ جي ثقافت کي ماياڻين تقريبن ۾ سنڌ جي ثقافت کي سونهن بخشي رهيون آهن ته وري سنڌ جون اهي پدمڻيون جيڪي پنهجي هٿ جي هنر سان سنڌ جي ثقافت جي لازوال عشق سان سلهاڙيل آهن اهي به پنهجي ڪرت ۾ لڳل آهن پر انهن جي حقيقي مالڪي يا وارثي نه ٿي ٿئي. ڇا هي ڪافيون سنڌ جون ناهن؟ ڇا هي لوڪ گيت ڳيچ سهرا سنڌ وطن جا ناهن؟ ڇا سنڌ جي تاريخ بڻيل لاڏا سنڌ جا ناهن؟ ڇا فطرت جي عڪاسي ڪندڙ دراوڙي لوڪ سنڌ وطن کان ٻاهر آهن؟ سورهن سو ڏاچين 9 لک هاٿين تي ڄڃ وٺي منهنجو ڀاءُ آيو وارو لاڏو سنڌ جي خوشحالي کي ظاهر نٿو ڪري؟ بنا جوڙ جي رلي ٺاهيندڙ عورت حاجران جو هنر سنڌ جي ثقافت ناهي؟ اسان صرف اهو ٿا چاهيون ته سنڌ جي ريتن رسمن جو ڀرجهلو رهندڙ انهن عظيم مائرن ڀينرن جيڪي سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ خوشحال تهذيب جون پرمل ۽ سورج ديويون بڻجي بيٺل آهن، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ ثقافت جي وزارت هنن هنرمند ۽ راڳيندڙ عورتن جي سهائتا ڪري وٺي ته اصل ۾ اها پورهيت هٿن ۽ ڪويل ڳچين جي آبياري هوندي جيڪي ڪڏهن رلين جي پڙن ۾ سنڌ اڪيرن ٿيون ته ڪڏهن سرن جي جهڪورن ۾ وطن جي رنگن جي تسبيح سورين ٿيون!