وبا سان جهيڙيندڙ نرسن جو عالمي ڏهاڙو

0
203

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 12 مئي تي اڄ نرسز جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انسانيت ۾ نرسنگ جي شعبي جي خدمتن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ نرسنگ جي بانيڪار مس فلورينس نائيٽنگل برطانوي نرس جو جديد نرسنگ جي بنياد تي  خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. نرسنگ جي عظيم اڳواڻ  مس فلورينس نائيٽنگل جي 200 سالگرهه جي  نسبت سان صحت جي عالمي اداري طرفان 2020ع کي نرسن ۽ مڊوائيف جو سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان ڪوري ڪاغذ جيان خالي اعلان کانپوءِ  2021ع سال پڄاڻان به نرسز جي قسمت نه بدلجي سگهي.  
مس فلورينس 1854ع ڪريمين جنگ ۾ صرف 38 نرسز جو قافلو ساڻ ڪري زخمي فوجين جي  تيمارداري جي لاءِ  پهتي، جتي هن پنهنجي بي لوث خدمتون سرانجام ڏئي رات ڏينهن تيماراداري ڪري ڪيترن ئي فوجين جي جان بچائي جنهن جي ڪري صرف 4 مهينن ۾ موت جي شرح 42 سيڪڙو کان گهٽائي 2 سيڪڙو ڪري نرسنگ جي شعبي کي منظم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. جنهن جي خدمتن عيوض کيس خراج عقيدت طور سندس جنم ڏهاڙي 12 مئي تي پوري دنيا ۾ نرسن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.پاڪستان ۾ نرسنگ سيڪٽر جو بنياد بيگم رانا لياقت علي خان رکيو هو.1949ع ۾ سينٽرل ڪائونسل آف نرسنگ قائم ڪئي وئي ، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ نرسون اڃان تائين به بيشمار مسئلن جو شڪار آهن.
ينگ نرسز ايسوسيئيشن جي سينيئر اڳواڻ اعجاز علي ڪليري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته نرسون صحت جي شعبي ۾ جنگي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجود به نرسز پنهنجي بنيادي حقن کان اڃان تائين محروم آهن، وڏو الميو ته اهو آهي جو نرسز جنهن گريڊ ۾ ڀرتي ٿين پيون ان ئي گريڊ ۾ رٽائر ٿيون ٿين.
پاڪستان ۾ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ نرسز جي شديد کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي ملڪ کي صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 100،000 کان وڌيڪ نرسن جي ضرورت آهي.
ان کان علاوه پاڪستان ۾ تربيت يافته نرسن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ هڪ مسئلو اهو به آهي ته جيڪي عورتون هن مقدس پيشي ۾ اچن ٿيون انهن کي گهٽ پگهار ۽ گهٽ سهولتن جي باوجود انتهائي ڏکي حالتن ۾ تيمارداري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هن وقت نا مناسب حالتن جي ڪري 30 هزار کان وڌيڪ نرسون هر سال ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. گهٽ تعداد جي ڪري موجوده نرسن تي اسپتالن ۾ ڪم جو انتهائي دٻاءُ آهي  جنهن جي ڪري اڪثريت نرسز ۾ ڊپريشن ، چيلهه جو سور ۽ هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون معمول بڻجي ويون آهن.
فلورينس نائيٽينگل کان 2021ع تائين باقي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي ترقي ڪئي هوندي پر پاڪستان ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن جديد دنيا ۾ نرسنگ واحد پيشو آهي جيڪو دنيا جي تيز رفتارترقي کان ڪوهين پوئتي آهي. ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي نرسن طرفان وقتن به وقتن وفاق سميت سڀني  صوبن ۾ احتجاجي ڌرڻا ۽ مظاهرا  ٿي رهيا آهن، جن ۾ بنيادي حقن جو مطالبو ڪيو پيو وڃي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نرسز کي پنهنجا بنيادي حق ڏيڻ ۾ سخت عار محسوس ڪن پيوننوڪري نرسن لاءِ ناهي
پروموش/اپگريڊيشن نرسن لاءِ ناهي
اسڪالرشپ شاگرد نرسن لاءِ ناهي
انهن سڀني مسئلن جي باوجود نرسن کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو ڇاڪاڻ ته دنيا ۾نرسنگ جو پيشو هڪ بهترين ۽ پيغمبري پيشو آهي، جنهن ۾ مريضن جي سار سنڀال جي ذميواري ادا ڪندڙ نرسون هن وقت به پنهنجا گهر ڇڏي ڪورونا جي مريضن تي پنهنجون ذميواريون پوري ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن.
نرسنگ شعبي سان تعلق رکندڙ  عظيم ماڻهو آهن جن کي الله پاڪ پيدا ئي انسانيت جي خدمت لاءِ  ڪيو آهي جيڪي ٻين جي زندگين کي بچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا ، جنگ جي حالت ۾ ، حادثي جي صورت ۾ ، هن وقت به ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال جي ڪري پنهنجي مريضن جي تيمارداري لاءِ   هميشه جيان نرسز فرنٽ لائن فورس طور نڀائين پيا.
نرسنگ هڪ مقدس پيشو آهي جنهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ هتي به پاڪستان ۾ ڪوششون هلي رهيون آهن ڇو ته نرسز جو شعبو به طب جي لحاظ کان تمام گهڻو اهم آهي ۽ خاص طور تي عالمي وبا ڪورونا جي دوران صحت واري کاتي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ريڙهه جي هڏي ثابت ٿيون آهن.اسان نرسز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تمام نرسنگ پروفيشنلز کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ مبارڪباد پڻ پيش ڪيون ٿا ، ۽ اميد ٿا ڪريون ته نرسز هميشه وانگر بهتر طريقي سان پنهنجون خدمتون پيش ڪندا رهندا/رهنديون.