سنڌ جي برسات متاثرن جون ڪٿائون

0
242
سنڌ جي برسات متاثرن جون ڪٿائون

 تازو سانوڻي وارين برساتن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ تاريخ جي وڏي تباھي آندي،ماحولياتي تبديلي جي خطرناڪ اثرن جو چوٻول گذريل ٽن ڏھاڪن کان ٻڌندڙن پھريون دفعو پنھنجي اکين سان اھو ڀيانڪ منظر ڏٺو،جيتوڻيڪ ماحول جي تبديلي جي ڪارڻن ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان جو حصو صرف ھڪ  سيڪڙي جيترومس آھي جڏھن ته تباھي جو وڏوحصو اسان جي مقدر ۾آيو. ماحوليات جي ماھرن جو چوڻ آھي ته  قريبن ويھن تربيلا ڊيمن جيترو مينھن جو پاڻي سنڌ جي مٿان وسيو جيڪو لقاءَ ھتان جي رھواسين پھريون دفعو پسيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترس سنڌ جي دوري دوران چيو ته پاڪستان جي ماڻھن کي اڻ ڪيل گناھن جي سزا ملي آھي، خوابن جھڙيون وستيون ۽ واھڻ مٽي جا ڍير بڻجي ويا آھن اھي ملڪ جيڪي عالمي گرمي پد وڌائڻ جا اصل ذميوار آھن اھي محفوظ آھن.

                 تازين برساتن جي تباھه ڪارين جو سبب ماحولياتي تبديلين جو نتيجو ھو.جنھن.ڪري لکين ماڻھن کي پنھنجا گھر ۽ ڳوٺ ڇڏڻا پيا. تيز ۽ لڳاتار برساتن سبب کين بک، بيمارين کي منھن ڏيڻو پيو خراب پاڻي ۽ مڇرن سندن مشڪلاتن ۾ بيپناھه اضافو ڪيو. مسلسل ھڪ ھفتي تائين ھلندڙ برسات دوران ماڻھن جي اڪثريت پنھنجي مدد پاڻ محفوظ جڳھين، پڪن روڊن،شاخن جي  مٿاھين وارن  بندن تي وڃي ويٺي. آفتن دوران  اسان جھڙن ملڪن  ۾ وڌ کان وڌ عورتون، ٻار، معذور، پوڙھا ۽ شيڊول ڪاسٽ جا فرد ڀوڳيندا آھن.

ڪرسچن ڪالوني شھدادپور جا برسات متاثر جيڪي گذريل 70 سالن کان شھر۾ صفائي جو ڪم ڪن ٿا ٻڌائين ٿا ته جڏھن اسان جا ڪچا گھر ٻڏڻ لڳا ته کين سندن ڪالوني جي بلڪل سامھون پوليس ٽريننگ سينٽراندر انساني ھمدردي تحت قائم پراڻي بيرڪ ۾ پناھه ڏني وئي جتي کين کاڌي پيتي جو انتظام پاڻ ڪرڻو پيو جيڪو کاڌي وارو سامان سانگهڙ واري چرچ جي فادرصاحب طرفان مھيا ڪيو ويو.ڪرسچن ڪميونٽي جي اعليٰ تعليم يافتا ۽ ھڪ غير سرڪاري تنظيم جي بورڊ جي سرگرم رڪن ريما مريم چيو ته اسان جي حڪومت سميت ڪنھن به ڏکئي وقت ۾ مدد نه ڪئي اسان سالن کان شھرين جي صفائي ڪري خدمت ڪندا رھيا آھيون.

ڌنو ڀٽ ٽنڊوآدم تعلقي جو ڀيل برادري جو تمام وڏو ڳوٺ آھي جتي جا رھواسي ھاري ۽ ڳائي مال جا شوقين آھن تقريبن ھرگھر ۾ ڳئون ڌاريل آھي، سٺ سالن جوخيرو ڀيل چئي ٿو ته ڳوٺ ٻڏي ويو روڊ جي ڀرسان مال ۽ ٻچا وٺي وڃي سنگهر شاخ جي ڪپن تي ويٺاسون برساتون بند ٿيڻ تي ڳوٺ جو پاڻي پاڻ ڪڍيوسين مقامي ايم پي اي نالي ماتر مدد ڪئي پرخيرو ڀيل سانگهڙ واري چرچ جي فادر جي کاڌ خوراڪ واري مدد ڪرڻ جي ڳالھه وڏي واڪ ڪري رھيوھو. سندس چواڻي ته ھھڙيون برساتون اسان پنھنجي سانڀر ۾ نه ڏٺيون نه ئي وڏن کان ڪڏھن ٻڌيون ته ڪو گهڻي مينھن پوڻ جي ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا ماڻھو جان بچائي وڃي مٿاھين تي ويٺا ھجن. فاطما عرف قائما ٻائي جنھن جي شناختي ڪارڊ موجب عمر1931ع يعني 92 سال ھئي اسان کي ٻڌايوته آءُ معذورآھيان مونکي کٽ تي کڻي ھليا ھئا زندگي ھئي جو بچي ويس مون ھھڙا مينھن پنھنجي ڄمار ۾ ڪونه ڏٺا.سموري سنڌ جي برسات متاثرين جا “ سانوڻي جي مينھن کان پوءِ ” جا داستان ڏاڍا دکدائڪ آھن خاص ڪري غريب ۽ اقليتي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ لوڪن جا.

45 سالن جي لالي کدڙي فقير روئڻھارڪو ٿيندي چيو ته اسين اڳئي زماني جا ڌڪاريل ماڻھو وري ھھڙي برسات جي مصيبت وارن ڏينھن ۾ بکن ۾ پاھه ٿي وياسين، شھر ۾ قائم ڪيمپن ۾ وڃي پيٽ جي باھه اجھائيندا ھئاسون انھن ئي ڏينھن ۾ اسان جا ٻه فقير بيماري ۾ چڙي چڙي مري ويا.لالي فقير جو اھو مطالبو ھو ته گھٽ ۾ گهٽ پي پي وارا اسان کي بينظير سپورٽ وارا پنجويھه ھزار ئي ڏين ته اسان فقيرن جي مالي مدد ٿي ويندي. (ياد رھي ت کدڙن فقيرن کي ھاڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن سان گڏ مالي امداد واري پروگرام ۾شامل ڪيو ويوآھي)

سانگهڙ تعلقي ۾مشھور “دل شاخ” جي ڪپرن تي برسات وارن  ڏينھن ۾ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ٻڏي وچڻ کان پوءِ پناھه ورتل  جن ۾ ڪولھي،اوڏ توڙي مڱريا برادري جا ماڻھو ويٺا ھئا، جيڪي ھاڻي ٻيھر پنھنجو پاڻ ڳوٺن جو پاڻي ڪڍي اچي آباد ٿيا آھن سندن چواڻي ته برسات غريب توڙي امير، ھندو مسلمان جي فرق کانسواءِ سڀني کي ٻوڙيو سڀ مصيبت جي وقت ۾ گڏ  ھئا سين، سرڪاراسان جي ڪابه مدد نه ڪئي ان جو سبب اسان جو  “پير جا مريد ” ھجڻ ھو ، جڏھن ته ڪولھي ۽ ڀيل ڪميونٽي جي ڪجھه فردن جو چوڻ ھو ته اسين ووٽر ته پيپلز پارٽي جا آھيون پر اسان جي به سرڪار مدد نه ڪئي. عام ماڻھن جو چوڻ آھي ته 2010ع ۽ 2011ع وارين دريائي ٻوڏ ۽ برساتن دوران ملڪي ۽ غير ملڪي فلاحي ادارن سندن تمام گهڻي مدد ڪئي ھئي پر ھاڻوڪين برساتن ۾ سرڪار توڙي مختلف  ادارن طرفان خاطرخواھه مدد نه ٿي سگهي آھي. عورتن خصوصن اقليتي عورتن جي اھا استدعا ھئي ته سڀني غريب ماين کي بينظير ڪارڊ وارا پيسا ڏنا وڃن.برسات ۾ ٻڏي ويل گهرن وارن ڳوٺاڻن کي سڀ کان وڌيڪ آسرو حڪومت طرفان پڪا گهر اڏائي ڏيڻ جو آھي، ھو گهرن جي سرڪار طرفان ڪيل سروي مان مطمئن نه آھن ته سرڪار جي گهرن جي سروي ڪندڙ ٽيمن سندن گهرن جي داخلا درست نموني سان نه ڪئي آھي. ھو گهرن جي اڏجڻ جو بيچيني سان انتظار ڪري رھيا آھن، ڪيترن متاثرن جو مطالبو آھي ته سرڪارپئسن ڏيڻ بجاءِ کين پاڻ پڪا گهرتعمير ڪرائي ڏي.

آفت سٽيل علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ملڪي توڙي بين الاقوامي ادارن سان لاڳاپيل آفيسرن جي اھا عام شڪايت رھي  آھي ته کين ضلعي جا عملدار ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان لنوائين ٿا، يا من پسند علائقن ۽ يونين ڪائونسلن ۾ امدادي سرگرمين جو اجازت نامون ڏين ٿا. تنھن ڪري کين امدادي سامان سان گڏ، ھر متاثر گهر کي مالي امداد ڏيڻ ۾ مشڪلاتون اچي رھيون آھن ان جي ڪري ڪيترن ئي متاثر خاندانن جي سھائتا نه ٿي سگهي آھي. برسات دوران جتي سرڪاري ادارن جي ڪارگردگي اطمينان بخش نه ھئي اتي حڪمران ڌر جي چونڊيل نمائندن توڙي ٻين سياسي پارٽين ۽ گروپن جو سندن تڪن جي ماڻھن کي فوري طور تي محفوظ جڳھين تي نه پھچائڻ سندن کاڌ خوراڪ مھيا ڪرڻ ۾ ناڪامي پڻ چٽي نظر اچي ٿي. اتي ڪجھه فلاحي تنظيمن ۽ سرندي وارن فردن جو ڪردار ساراھه جوڳو رھيو.ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان متاثر سنڌ جي لکين ماڻھن جن ۾ عورتون، ٻار، پوڙھا، معذور،کدڙا فقيرتوڙي اقليتي ڪميونٽيز جي بحالي ۽ سندن اجھن کي اڏائڻ ۾ سرڪار کي تڪڙا قدم کڻي کين معمولي مطابق زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

[email protected]