ڪراچئَ ۾ قسمت سان مليل موقعي کي ضايع نه ڪرڻ گھرجي

0
169
مَتو آھين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين!

 ملڪ جي مرڻينگ معيشت، بي اصولي جي سياست ۽ منتشر سماج هوندي غريب ته عذاب جي منهن ۾ آھي پر خود حڪومت جي حالت به رحم جوڳي آھي. ڊار جي ڊاڙن جي شڪست ٿيندي ئي ڊالر جڏهن ئي انٽر بينڪ ۾ 262 ۽ کلي مارڪيٽ ۾ 265 کي پار ڪيو ته آءِ ايم  ايف به نائين جائزي خاطر اڱاري تي اچڻ لاءِ آماده ٿيو آھي. شھباز شريف جي حڪومت ۽ سندس اتحادين جي ته ڪا ڪل سڌي ڪانهي پر خود ن ليگ به ايم ڪيو ايم وانگر شديد اختلافن ۽ اندروني ڪمزورين جو شڪار آھي. اهڙي وايو منڊل ۾ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي ٻن صوبن ۾ حڪومت هوندي ته ڪمزور هئي سا هئي پر ٻنهي صوبن جون صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ جھڙي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ مثل خان صاحب جي غلطي جي باوجود (جنهن جو اظھار پرويز الاهي طرفان فواد چوڌري کي پختي پنجابي ۾ غليظ مغلظات بڪڻ مان به ٿئي پيو ) به بيانيي جي بنيادي ڪمزوري سبب مرڪزي حڪومت اڃا وڌيڪ بتال ٿيندي وڃي. فواد چوڌري جي گرفتاري به ڄڻ ته ٻنهي ڌرين جي ڳچي ۾ پئجي ويئي آھي. حڪومت تي تنقيد پئي ٿئي ۽ پي ٽي آءِ وارن کي اچي خان جي کنڀجڻ جي خوف ورتو آھي.

انهي ماحول سبب انتهائي اختلافن جو شڪار ڪراچي ۽  حيدرآباد ڊويزن جي ٻئي مرحلي واريون چونڊون وڏي مشڪل سان منعقد ٿي وڃڻ وارو معجزو ۽ حيران ڪندڙ نتيجا به ملڪي ميڊيا ۽ قوم جو جائز توجھه حاصل نه ڪري سگهيا آھن. ٻئي پاسي اهڙي سياسي صورتحال جو سڀ کان وڌيڪ لاڀ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي ڪنهن قدر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪيون آھن ۽ جيڪڏهن ڪجھه سياسي بصيرت کان ڪم وٺن ته ملڪ جي معيشت جي مرڪز ڪراچي کي ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ دهشت پسند گروهن جي چنبي مان آزاد به ڪرائي سگهن ٿيون.

15  جنوري تي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي واريون چونڊون ايم ڪيو ايم جي سڀني چالبازين، ناڪاري حيلن ۽ پ پ پ جي مٿاڇري حمايت جي باوجود نيٺ ٿي ويون. سنڌ جي گورنر جي آوت جاوت واري جدوجهد،جنهن جي نتيجي ۾ ڀائي لوڪن جي سڀني ڌڙن جو هڪ ٿيڻ به ڪراچي جي وڃايل ووٽ کي وري واپس ورائڻ جي ناڪام ڪوشش جو حصو هو پر جڏهن يقين ٿي وين ته ٻڙي ۾ ٻڙي ملائڻ سان به جوڙ ٻڙي ٿو اچي ته پريس ڪانفرنسون، روايتي ڊاڙ ۽ خالي دڙڪا ته کوڙ ڏنا ويا پر انهن ڳالهين جو دور ڇاڪاڻ ته گذري چڪو آھي ان ڪري سنڌ حڪومت به صرف مئل ڍڳي تي ڇانو ڪرڻ جھڙي حيلي وانگر بلدياتي قانون ۾  آخري گهڙي ۾ اچي رعايت ڏني جنهن جو نتيجو ته بااصول اليڪشن ڪمشنر هوندي نڪرڻو نه هو پر بس پ پ پ وارا پنهنجي فيس سيونگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. ان جو منطقي انجام چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون آيو. ايم ڪيو ايم وري پنهنجي پَرِ ۾ پنهنجي پتِ بچائڻ لاءِ بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جو فائدو وڌ ۾ وڌ جماعت اسلامي ۽ ان کان پوءِ پ پ پ کي حاصل ٿيو.

 بلدياتي ادارن جي انهن چونڊن ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن سميت سڄي ڊويزن ۾ پ پ پ پنهنجي واضح ۽ تاريخي برتري ثابت ڪئي پر ڪراچي ۾ پهريون دفعو سڀني جماعتن کان اڃا تائين وڏي پارٽي طور سامهون آئي آھي. هاڻي تائين  ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪل 246 يونين ڪائونسلز مان اعلانيل 229 يونين ڪائونسلز منجهان 91 پ پ پ 85  جماعت اسلامي، 42 پي ٽي آءِ ، 7 مسلم ليگ، 2 جي يو آءِ ۽ باقي هڪ اڌ ٽي ايل پي ۽ آزاد اميدوارن جي حصي ۾ آيون آھن. 11 سيٽن تي مختلف سببن ڪري چونڊون نه ٿي سگهيون هيون ۽ 6 يونين ڪائونسلز جا نتيجا اڃا تائين تڪراري آھن. جماعت اسلامي توڙي پي ٽي آءِ 15 جنوري واري ڏينهن پنهنجي ڪاميابي جا ڪاغذ پٽ پاڻ تيار ڪري سڀ ڪجھه اڳواٽ طئي ڪريو ويٺا هئا. ڪراچي جي امير جماعت ته   100 سيٽن تي دائرو لڳائي ضد ڪريو بيٺو آھي ته اهو تعداد ڪيئن به ڪري کيس پورو ڪري ڏنو وڃي. ٻين جماعتن جي ٻيهر ڳڻپ واري جائز گهر تي به کيس اعتراض آھي. پي ٽي آءِ وري 40/50 سيٽن جا نتيجا چئلينج ڪريو ويٺي آھي. مٿان وري نتيجن جي دير سان اچڻ سان جائز ناجائز شڪ به پيدا ٿيا ته حڪومت گڙٻڙ ڪندي هوندي.

هنن بلدياتي چونڊن ۾  صرف ڪراچي ۾ ڪل 4990 پولنگ اسٽيشنون هيون،  10629 اميدوار هئا. هر حلقي/ وارڊ ۾ اميدوارن جو تعداد گهڻو هجڻ ۽ بيلٽ پيپر تي اميدوارن جا وڌيڪ نشان ۽ نالا هئڻ سبب ووٽر توڙي پولنگ عملي کي تمام گهڻو مونجهارو ٿيندو آھي. ان ڪري اڻپوري ٺپن ۽ منجهائيندڙ سٽاءَ سبب به نتيجا تيار ڪرڻ ۾ دير ٿيندي آھي. ڪراچي جي اليڪشني دهشت جي ماحول ۾ عملي جو ساھه مٺ ۾ ھوندو آھي ان ڪري به ڪافي مشڪلاتون سامهون اينديون آھن. ٻيهر ڳڻپ جو عمل به ڪافي هنڌن تي دهرايو ويو. پولنگ جو عملو به اڪثر نتيجن جا فارم غلط نموني ڀري واپسي وارو سامان غلط لفافن ۽ ٿيلهن ۾ ڀري جڏهن ريٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچندو آھي ته ان وقت تائين کين هڪ رات ۽ ٻن ڏينهن جو ٿڪ به هوندو آھي. اهڙي حالت ۾ جڏهن کين چيو ويندو آھي ته سندن تيار ڪيل رزلٽ غلط آھي ۽ وري درست ڪري جمع ڪرايو ته اهو ڪم مائونٽ ايورسٽ سر ڪرڻ جي برابر هوندو آھي. ان ڪري ٿوري دير خير جو باعث به ٿي سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ هن کان اڳ 10/8 سيڪڙو ووٽنگ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر به چونڊبا رهيا آھن پوءِ به هنن نتيجن کي هڪ ٻئي رخ کان پرکڻ تمام ضروري آھي. اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي ووٽن جي اڪثريت لنڊن واري پير طرفان بائيڪاٽ جي اعلان تي هميشه وانگر هن دفعي به عمل ڪيو. موجوده ايم ڪيو ايم جي قيادت هاڻي رڳو ماضي ۾ سيکاريل بليڪ ميلنگ جي لهجي ۾ ڌمڪيون ته ڏيئي سگهي ٿي باقي سندن حالت کان هر ڪو واقف آھي. ان کان پوءِ سياسي انتشار،  سياستدانن جي ڪردار ۽ انتهائي غربت سبب عوام کي هاڻي اليڪشني عياشي سان ايتري دلچسپي به ناهي رهي. ان ڪري ڪراچي ۾ رجسٽرڊ ڪل 8045475 ووٽن مان تمام گهٽ سيڪڙي ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي ، ايم ڪيو ايم جي مضبوط اثر وارا ٽي ضلعا کٽيا آھن ۽ ووٽن جي حساب سان سڀني کان وڌيڪ يعني 429065 ووٽ کنيا آھن. پي پي پي چار ضلعن ۾ ڪاميابي ماڻي 361703 ووٽ ۽ پي ٽي آءِ 325875 ووٽ حاصل ڪيا آھن. ان لحاظ سان ڏسجي ته ايڏا ڊاڙ ھڻندڙ ۽ ميئرشپ جي دعويدار ٽن وڏين جماعتن مان به هر هڪ صرف هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ جيترا ووٽ مس کنيا آھن. ان ڪري حقيقي ۽ پوري عوامي حمايت جا حامل ته نه چئبا پر چوندا آھن ته جتي وڏو وڻ نه هجي اتي ڪانڊيرو به درخت هوندو آھي.

هاڻي اچون ٿا انهن نالي جي عوامي ادارن يعني مڪاني حڪومتن کي مضبوط بنائڻ خاطر ميٽروپوليٽن سٽي ۾ شھري حڪومت قائم ڪرڻ جي عملي ڪوششن تي. جيئن ته ڪنهن به هڪ پارٽي کي 124 يونين ڪائونسلز جي اڪثريت حاصل ناهي ان ڪري ڪن به ٻن جماعتن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻو پوندو. پ پ پ کي جيئن ته سرسي حاصل آھي ان ڪري پهريون حق سندن ٿيندو به هوندو پر ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ سان کين ۽ ڪراچي جي عوام کي نقصان رسندو جيڪي اڳ ۾ ئي سڀني کان ناراض مخلوق ۾ شامل آھن. جيڪڏهن جماعت اسلامي پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو ته هڪ ته جماعت جي اعلانيه موقف ۽ نظرياتي ووٽ کي ڌچڪو لڳندو ٻيو ته سنڌ حڪومت کان پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت اسلامي کي ايترو مالي ۽ انتظامي سهڪار نه ملندو جيتري تعاون ۽ ڪم جي هن ڏتڙتل بين الاقوامي شھر کي ضرورت آھي. پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد مرڪز ۾ جاري ڪشڪمش ۽ ٻنهي جماعتن جي اظھاريل نفرت سبب ناممڪن لڳي ٿو. اهو به آھي ته پي ٽي آءِ ھن وقت سڀ ڪجھه حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ سڀ ڪجھه وڃائڻ جي مشن ۾ مصروف آھي ۽ انتهائي نازڪ پريشاني جي لمحن مان گذري پئي. ان ڪري هن ننڍي کيل ۾  پوڻ جي شايد ايتري خواهش به نه هجين. ان صورت ۾ صرف هڪ ۽ بهتر حل موجود آھي جيڪو آھي نظرياتي اختلافن هوندي به جماعت اسلامي ۽ پ پ پ جو ٻه طرفي سهولت وارو نڪاح.  پ پ پ حڪمران جماعت هجڻ ڪري وڏي دل ڪري پهريان ٻه سال ميئرشپ جماعت جي حافظ نعيم الرحمان  کي ڏئي جنهن سالن تائين ان حوالي سان وڏي محنت ڪئي آھي. جماعت به رواداري کان ڪم وٺي 100 جي انگ تي لڳل ليڪ ھٽائي  ٻيهر ڳڻپ جهڙن جائز اعتراضن جي راھه ۾ رڪاوٽ نه بنجي ۽ ٻيا ٻه سال وري پي پي پي جو ميئر دل سان قبول ڪري وٺي.

اهڙي سياسي مفاهمت جي نتيجي ۾ سڀ ڪو فائدي ۾ رهندو. سڀ کان پهريائين سالن کان روليل ۽ ڦٽايل ڪراچي جو ميونسپل انتظام ۽ انفرا اسٽرڪچر بحال ٿيندو جيڪو عرصي تائين چائنا ڪٽنگ جي چورن حوالي رهيو آھي. ٻنهي مختلف الخيال جماعتن جي گڏ هئڻ سبب هڪٻئي تي به ڪائونٽر چيڪ يا نظرداري رهندي. هڪٻئي جي رِيس ۾ وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي. جماعت اسلامي کي به موقعو ڏسي ايم ڪيو ايم شھر نيڪالي ڏني هئي. هاڻي جماعت وٽ اسڪور برابر ڪرڻ جو بهترين موقعو آھي. ساڳي طرح شھري حڪومت جي سياست ۾ پي پي کي به پهريون ڀيرو اهو وڏو موقعو نصيب ٿيو آھي. صوبائي حڪومت ۽ ماليات هٿ ۾ ھوندي هي جماعت صوبي جي گادي واري هنڌ تي “اندرون سنڌ جي جماعت” جهڙن چڙ ڏياريندڙ مهڻن کان به بچي ويندي. سڀ کان وڏو احسان جيڪو جماعت اسلامي ۽ پ پ پ سڄي ملڪ ۽ قوم تي ڪري سگهن ٿا اهو آھي پنهنجي مقبوليت ۽ ڀائيچاري جي پيغام وسيلي هن ميگا سٽي  کي نسل پرستي، لساني نفرتن ۽ دهشتگردي جي عذاب مان نجات ڏيارڻ جو جيڪو جيترو ممڪن ۽ ضروري آھي اوترو ئي سندن مستقل مفاد ۾ به آھي.

جيڪڏهن سياست جو مقصد عوامي خدمت آھي ته اهي ٻئي جماعتون ڪراچي ۾ قسمت سان هٿ آيل موقعي مان فائدو وٺي شھرين جي ۽ شھر جي قسمت سان گڏ سياست جو رخ به بدلائي سگهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪجھه ڏئي به گهڻو ڪجهھ حاصل ڪري وٺبو آھي.

[email protected]