اسلام آباد: آدمشماري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته 51 لک 54 هزار 218 پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا جن ۾ 38 لک17 هزار، 363 مرد ۽ 13 لک 36 هزار 855 عورتون شامل آھن، 32 لک 70 هزار 550 ٻهراڙين ۽ 18 لک 83 هزار 668 شهرن سان تعلق رکن ٿا آھن، سڀ کان وڌيڪ شهرين جو تعلق پنجاب صوبي سان آھي جن جو تعداد 28 لک 61 هزار 909 آھي ڪي پي ڪي صوبي سان تعلق رکندڙ 9 لک 34 هزار533، بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙن جو تعداد 1 لک 54 هزار، 813 ، فاٽا سان تعلق رکندڙن جو تعداد 1 لک 21 هزار 447 ، اسلام آباد مان 65 هزار857 شهري ٻاهر ويل آهن. روزگار سانگي ٻاهر رهندڙن ۾ سنڌ صوبي جي شهرين جو ڪل تعداد 10 لک 15 هزار، 659 آھي، جن ۾ 5 لک 20 هزار 903 مرد ۽ 4 لک 94 هزار 756 عورتون شامل آھن جن مان 5 لک 4 هزار، 710 جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق آهي. ملڪ کان ٻاهر رهندڙن مان حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙن جو تعداد 2 لک15 هزار 233 ڪراچي ڊويزن مان 3 لک 89 هزار872، لاڙڪاڻي ڊويزن مان 1 لک 50 هزار، 119، ميرپورخاص ڊويزن مان 79 هزار 819، شهيد بينظير آباد ڊويزن مان 93 هزار، 316 ۽ سکر ڊويزن مان 87 هزار، 300 سنڌ واسي ملڪ کان ٻاهر رهي رهيا آھن.