حيدرآباد ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڪري پيو، هڪ ٻارڙو زخمي

0
370

حيدرآباد(ن پ ا) حيدرآباد ۾ اسڪول ڀرسان بجلي جو ٽرانسفارمر ڌماڪي سان هيٺ ڪري پيو، هڪ ٻارڙو زخمي، شهرين جو چوڻ آهي ته گرونگر واري علائقي ۾ حيسڪو عملي پاران ٽرانسفارمر لڳايو پيو وڃي ته ان دوران هيٺ ڪِري پيو ۽ ٽرانسفارمر جو تيل لڳڻ سبب10 ورهين جو طلحا زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.