ٺاروشاهه (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ٺاروشاهه ۾ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران حڪومت ۽ زرداري ٽولي جون نظرون سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ معدنيات تي آھن، پ پ جا اڳواڻ ھاڻي منشيات وڪرو ڪري رھيا آھن، سڄي سنڌ کي تباهه برباد ڪيو ويو آھي، سنڌ جو عوام هاڻي هنن جي ڳٺ جوڙ مان واقف ٿي چڪو آھي، هنن جي ناپاڪ ارادن جي اڳيان سنڌ جو باشعور عوام بيهڻ لاءِ تيار آھي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي حقن ۽ بقا لاءِ ۽ عملي ميدان ۾ اڳڀري آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بحريا ٽائون جي دفاع لاءِ سرگرم عمل آھي سنڌ جي ثبوتن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ھنن کي ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌين جي شعور ھنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سنڌ ايڪشن ڪامٽي مختلف ڪاميٽيون جوڙيون آھن جيڪي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي گھري نظر وجھي رھيون آھن ۽ جلد ٻيھر تحريڪ تيز ڪئي ويندي. ان موقعي تي ساڻس گڏ ضلعي صدر عرفان ڏاھري، عالم بالادي ۽ ٻيا گڏ ھئا.