سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي ويجهو ڏير ھٿان کرپي جا وار ڪري ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه  ٿيو، خبر موجب ڳوٺ ھاشم آباد ۾ جوابدار غلام رسول خير پنھنجي ڀاڄائي چئن ٻارن جي ماءُ 48 ورھين جي نظيران زال حاڪم خير کي مبينا طور گڏ ڪرڻ واري کرپي جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي سرڪاري اسپتال ڦلھڏيون آندو ويو جتي عورت زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، مقتول عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ جي چڱي مڙس اسلم خير ٻڌايو ته جوابدار جو ذھني توازن درست ناھي، چڱي مڙس موجب جوابدار کان پڇا ڪئي ته هن چيو ته مون پکي کي ڌڪ پئي ھنيو ته اتفاقي طور ڀاڄائي کي لڳي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي ويندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.