ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌي ٻولي جو بااختيار اداروگذريل 6 سالن کان انتظامي ۽ مالي بحرانن حوالي، غفور ميمڻ کانپوءِ محمد علي مانجهي به مقرري وارو مدو پورو نه ڪيو،   اٿارٽي جا انتظامي معاملا ثقافت کاتي جو سيڪريٽري هلائڻ لڳو ، هلندڙ مالي سال ۾ به رڳو هڪ ڪوارٽر (ٽه ماهي) جا فنڊ جاري ٿي سگهيا، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيل ٻولي اٿارٽي گذريل 6 سالن کان انتظامي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، اٿارٽي ۾ 2016ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيئرمين مقرر ٿيو، جيڪو مقرري وارو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ئي 31 آڪٽوبر 2018ع تي استعيفا ڏئي  هليو ويو، جنهن بعد لاڳيتو ٻن سالن تائين اٿارٽي جي چارج ثقافت کاتي جي سيڪريٽري وٽ رهي، 27 جولاءِ 2020ع تي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي کي ٽن سالن لاءِ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو پڻ پنهنجو مقرري وارو مدو اڌورو ڇڏي 25 ڏينهن اڳ استيعفا ڏئي چڪو آهي، جنهن بعد اٿارٽي جي چيئرمين جي واڌو چارج ٻيهر سنڌ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حوالي ٿي وئي آهي، جيڪو ڪراچي مان ويهي سنڌي ٻولي اٿارٽي جو انتظامي ڪارروهنوار هلائي ٿو، ذريعن موجب مستقل چيئرمين نه هجڻ سبب اٿارٽي کي مالي سال جي  9 مهينن دوران رڳو هڪ ٽه ماهي جا فنڊ جاري ٿيا آهن،  جنهن سبب اداري جي ملازمن کي هلندڙ مهيني جي پگهار گريجوئٽي فنڊ مان ادا ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل ٻڌايو ته اٿارٽي ۾ انتظامي يا مالي بحران ناهي، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري وقتي چيئرمين طور ذميواري نڀائي رهيو آهي، باقي مالي سال جا رهيل فنڊ جلد جاري ٿي ويندا، ٻئي طرف ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ۽ اٿارٽي جو وقتي چيئرمين عبدالرحيم سومرو سنڌي ٻولي اٿارٽي ۾ مستقل چيئرمين جي مقرري بابت موقف ڏيڻ کان لنوائي ويو، پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي هن  موقف نه ڏنو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کان اڳ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو  هو ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ۾ چيئرمين جي مقرري لاءِ اخبار ۾ اشتهار انفارميشن کاتي کي اماڻيو ويو آهي،  جلد اميدوارن کان درخواستون گهرائي انٽرويوز ڪنداسين،  ڪاميٽي جي سفارش وڏي وزير اماڻينداسين. واضجح رهي ته ثقافت کاتي جو موجوده سيڪريٽري ۽ اٿارٽي جو وقتي چيئرمين عبدالرحيم سومرو پڻ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ رٽائرڊ ٿيڻ واروآ هي.