ڪراچي: سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري جو به مدو پورو ٿي ويو، ڊاڪٽر فياض لطيف کي نئون سيڪريٽري  مقرر ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي وئي، ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌي ٻولي اٿارٽي جي موجوده سيڪريٽري شبنم گل جي اٿارٽي ۾ ٽن سالن لاءِ مقرري 25 مئي 2018ع کان 2021ع تائين  ٿيل هئي، جنهن  جو مدو پڻ  10 مهينا اڳ پورو ٿي چڪو آهي، جنهن بعد ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر فياض لطيف کي اٿارٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي وئي آهي.