11 جون 2021ع تي سنڌ جي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه هڪ مضمون لکيو هو، جنهن جو عنوان هو “سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ جي سياست”. مون اڳي به لکيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ جي سياست ناهي پر اسان جي ضرورت آهي. اچو ته انهيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون.
سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت:
سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ وارو مسئلو انگريزن جي دور کان شروع ٿيل آهي، جڏهن ٻنهي پاسي انگريز چيف انجنيئر هوندا هئا ۽ پوءِ به هڪٻئي جي مخالفت ڪندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ انهن جي زماني ۾ ٻه ڪميشنون ٺهيون، پر پوءِ به فيصلو نه ٿي سگھيو. تنهن کانپوءِ هندستان وارن اسان جي اُڀرندي دريائن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي پنجاب جي آبادي ٿيندي هئي. اهي ٽي درياءَ هئا ستلج، بياس ۽ راوي. نيٺ 1960ع ۾ عالمي بينڪ جي سهڪار سان هندستان ۽ پاڪستان انهي معاهدي تي صحيحون ڪيون. پاڪستان طرفان جنرل ايوب خان ۽ هندستان پاران پنڊت جواهر لال نهرو ڪراچيءَ ۾ صحيحون ڪيون. انهيءَ وقت عالمي بينڪ جو هڪ نمائندو به موجود هو. انهيءَ وقت تي اڀرندا درياءَ هندستان جي حوالي ڪيا ويا ۽ اسان کي ڊيمن تي رکيو ويو، جيڪي هئا منگلا ۽ تربيلا ڊيم. تنهن کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪاميٽيون ۽ ڪميشنون ٺهيون پر سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جو فيصلو نه ٿي سگھيو. تنهن کانپوءِ ان وقت جي وزيراعظم جناب نواز شريف 1991ع ۾ صوبن ۾ ڳالهيون ڪري معاهدو ڪرايو. پر انهيءَ تي به عمل نٿو ٿئي. جنهن تي پنجاب ۽ ارسا جي زور تي ڪڏهن پاڻي جي ورهاست تاريخي رڪارڊ موجب ۽ ڪڏهن ٽه رخي فارمولي مطابق ڪئي وڃي ٿي، جيڪا صحيح ناهي. پوءِ هاڻي سنڌ کي کوٽ واري وقت ۾ ڪيئن پاڻي ملي؟ پنجاب ۽ ارسا وارا سنڌ کي منگلا ڊيم مان پاڻي نٿا ڏين ته اسان وٽ صرف هڪ ذريعو آهي ته سنڌو درياءَ تي هڪ نئون ڊيم ٺاهيون. انهيءَ مان هڪڙو فائدو ته اهو ٿيندو ته سنڌ کي کوٽ واري وقت ۾ پاڻي ملندو ۽ ڊيلٽا جي گھرجن لاءِ به پاڻي ملي ويندو.
نئون ڊيم ڪيئن ٺاهيون؟
نئون ڊيم انهيءَ ڏينهن لٽجڻ شروع ٿئي ٿو،جنهن ڏينهن ٺهي تيار ٿئي ٿو. هر ڪنهن ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي هڪ صلاحيت هوندي آهي. منگلا ڊيم ۾ اها صلاحيت هر سان 15 سيڪڙو گھٽجي ٿي. ان جي اصل پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 5.3 ملين ايڪڙ فوٽ . 15 سيڪڙو کوٽ ڪري اها صلاحيت 0.795 ملين ايڪڙ فوٽ گھٽجي وئي آهي ۽ هاڻي ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 4.505 ملين ايڪڙ فوٽ بچي آهي. پر ان کي 40 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري ان جي صلاحيت 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي وئي آهي ۽ هاڻي اها 7.50 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي.تربيلا ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي،پر اها هاڻي 40 سيڪڙو گھٽجي وئي آهي،جيڪا 3.72 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.هاڻي ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 5.58 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ئي آهي.ڪنهن زماني ۾ تربيلا ڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم هو، پر هاڻي منگلا ڊيم پاڪتان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم ٿي ويو آهي.
پوءِ ڇا ڪرڻ کپي؟
اسان کي ٻه هيٺيان آپشن آهن:
گڏ ٿيل لٽ تربيلا ڊيم مان ڪڍون.
ڪو نئون ڊيم ٺاهيون.
گڏيل لٽ تربيلا ڊيم مان ڪڍڻ:
انهيءَ بابت واپڊا وارن ٻاهرين ملڪن جي ڪنسلٽنٽن کان اڀياس ڪرايو. هنن ڪجھه منصوبا ڏنا پر واپڊا مطابق انهن مان ڪو به قبول نه ڪيو ويو. واپڊا وارن مطابق تربيلا مان لٽ ڪڍڻ جو خيال واپڊا وارن لاهي ڇڏيو جو هڪ ته هي تربيلا ڊيم کان رڳو 10 ڪلوميٽر مٿي هئي ۽ ٻيو ته مٿي 50_60 ميلن تائين پکڙيل هئي. پوءِ ڇا ڪجي؟ انهيءَ سلسلي ۾ آئون جڏهن سنڌ جو آبپاشي سيڪريٽري هئس ته مون کي واپڊا وارن تي اعتبار نه هو ته ايتري لٽ مٿي ڪيئن هوندي، تنهن ڪري مون واپڊا وارن کي چيو ته اپريل جي مهيني ۾ جڏهن ذري گھٽ ڊيم خالي هوندو آهي تڏهن مون کي ڏيکارين. پهرين سال مان موٽر لانچ ۾ ويس جڏهن موٽر لانچ ڊيم جي ويجھو پهتي ته لانچ جي ڊرائيور چيو ته “سائين! لانچ تمام گھڻو لڏي ٿي ۽ اسان ٻڏي سگهون ٿا” تنهن کانپوءِ مون وري ٻئي سال وزٽ رکيو. هن سال هو مون کي هُوور ڪرافٽ ۾ وٺي هليا ۽ پوءِ لٽ واري هنڌ لاٿو. مون کي اعتبار نه پئي آيو ته ڊيم کان 50_60 ميل مٿي تائين لٽ پيل هئي. هاڻي مسئلو اهو پيدا ٿيو ته ٻنهي پاسي 400 فوٽ مٿي جبل هئا. هاڻي اها لٽ 40 فوٽ جبلن مٿان ڪيئن ٻئي پاسي اڇلائجي ۽ انهيءَ اڇلائڻ ۾ گھڻي مشينري کپندي ۽ ڪيترو خرچ ايندو. وري 400 فوٽ جبلن مٿان اها لٽ ٻئي پاسي اڇلائبي. پوءِ اتان ڪيئن ٻئي پاسي کنئي ويندي. اُنهيءَ لاءِ گھڻي مشينري کپندي ۽ گھڻو خرچ ايندو. معلوم ٿيو ته درياءَ مان لٽ ڪڍڻ تمام ڏکيو ۽ خرچ وارو ڪم هو، تنهن ڪري واپڊا وارن درياءَ مان لٽ ڪڍڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هونئن به جڏهن ٻنهي پاسي 400 فوٽ اوچا جبل هجن ته 50_60ميلن ۾ لٽ ڪڍڻ تمام ڏکيو ڪم هو، بلڪه ذري گھٽ نا ممڪن هو.
هاڻي اسان وٽ رڳو هڪڙو آپشن بچيو آهي ته سنڌوءَ تي نئون ڊيم ٺاهيون. هِن آپشن ۾ وفاقي حڪومت پئسا خرچ ڪري رهي آهي ۽ صوبن کي ڪو پئسو پائي نه ڏيڻو پوندو. هونئن به ڊيم مان لٽ ڪڍڻ اهي وڏي عرصي وارا ڪم آهن، جنهن ۾ 50 کان 60 سال لڳي ويندا آهن. ٻيا آپشن آئون اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. اهي آهن پاڻي کي ڪنهن نموني بچائڻ، جنهن ۾ واٽرن کي پڪو ڪرڻ، ننڍين شاخن کي پڪو ڪرڻ ۽ زمين کي ليول ڪرڻ ۽ ڊرپ ۽ اسپلنڪر وارو نظام کپي، جنهن ۾ بجلي کپندي، جيڪا هر هنڌ دستياب ناهي. پوءِ اسان وٽ رڳو هڪڙو آپشن بچيو ته تربيلا کان مٿي هڪ نئون ڊيم ٺاهيون، اهو ديا مير ڀاشا ڊيم آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت اڳ ئي ڪم ڪري رهي آهي ۽ کوٽ واري وقت ۾ اهو پاڻي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي ڪم اچي سگھي ٿو. اها آهي تفصيل سڀني آپشنز جي. جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي کوٽ واري وقت ۾ پاڻي ملندو، جنهن ذريعي سنڌ جي زراعت ۾ واڌ ٿيندي ۽ سنڌ ۾ خوشحالي ايندي.