سنجهوري ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

0
229
ڪي پي ڪي جو جهيڙو حيدرآباد تائين پهچي ويو، سائيٽ واري علائقي ۾ پيرسن قتل
ڪي پي ڪي جو جهيڙو حيدرآباد تائين پهچي ويو، سائيٽ واري علائقي ۾ پيرسن قتل

سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ غازي خان ڪاڇائي وٽ فائرنگ نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي

وڪيل سولنگي ۽ معشوق سولنگي موٽر سائيڪل تي صبح جو سوير ڪورٽ وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل تي سوار رند برادري جي  2 ڄڻن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ وڪيل سولنگي ۽ معشوق سولنگي زخمي ٿي پيا جن کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو ويو

جتي 25 ورهين جو وڪيل سولنگي ولد محمد شريف زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته معشوق سولنگي کي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب اسپتال ۾ داخل آھي

ڪجهه وقت اڳ شھدادپور روڊ تي ڪيريا اسٽاپ ۽ بيگ اسٽاپ وٽ ويٺل سولنگي ۽ رند برادري جي 2 ڌرين ۾ 7 هزارن جي ڏيتي ليتي تان رند برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿيو هو جنهن جي پلاند ۾ اڄ سولنگي برادري جو نوجوان وڪيل سولنگي به قتل ڪيو ويو آھي، اهڙي طرح رند ۽ سولنگي برادري جي تڪرار ۾ هن وقت تائين 2 نوجوان قتل ٿي چڪا آھن