سمون ڪنھن سار وانگي ھو

0
391
سمون ڪنھن سار وانگي ھو

 ڪيئي سالن کان البرٽا صوبي ۾ رھندڙ دوستن جو زور ھو ته  مان ۽ ٻيا دوست ساڻن ملڻ ، رھاڻيون ڪرڻ سان گڏ ان علائقي جي ڪن من موھيندڙ  نظارن کي ڏسڻ وڃون. مخلتف دوستن سان ھر ڀيري اونھاري جي مند ۾ وڃڻ جو واعدو ڪندو ھوس. پر ٻن ڳالھين جي ڪري اھو واعدو وفا ڪونه ٿي سگھندو ھو. ھڪ ڪئناڊا جو مختصر اونھارو جيڪو ايئن گذري ويندو ھو جو خبر ئي نه پوندي ھئي. ٻيو پنھنجي طرفان نڪرڻ جي سستي. پر دوستن جي تنھن قرب کي شاباش جنھن ھيٺ ھو لاڳيتو اچڻ لاءِ زور ڀريندا رھيا جنھن سان  نيٺ منھنجي سستي کي مات اچي ويئي . تازو اسان جو دل گھريو دوست نواز پنھور صاحب ٽورنٽو آيل ھو تنھن سان ملاقات ۾ ھن جلد اچڻ جو واعدو ورتو  جنھن تي مان به  اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جيتوڻيڪ اونھاري جا پڇاڙڪا  ڏينھن ھئا ۽ امڪان ھو ته البرٽا صوبو جيڪو ٽورنٽو جي نسبت وڌيڪ ٿڌو آھي اتي  موسم جي جلد ٿڌي  ٿي وڃڻ تي گھمڻ ڦرڻ ۾ شايد ڏکيائي ٿئي پر  اصل سانگو دوستن سان رھاڻيون ڪرڻ ھو تنھن خواھش ھيٺ موسم جي ٿڌي ٿي وڃڻ جي خدشي کي نظر انداز ڪري چوياري جي ڪن دوستن سان وڃڻ جو پروگرام ترتيب ڏنم . ان پروگرام جي خبر ٻڌڻ تي منھنجي ننڊي پٽ جميل چيو ته بابا ھاڻ ته اونھاري جي مند پڄاڻي کي پھتي آھي البرٽا ۾ ٿڌ جي شروعات ٿي چڪي ھوندي  ان ڪري توھان کي گھمڻ ڦرڻ وارو مزو  گھٽ ٿيندو. اھڙو پروگرام اڳ ٺاھيو ھا ته بھتر ٿئي ھا. مون کيس وراڻيو ته اسان جي وڃڻ جو اصل سانگو سنگت سان رھاڻ ڪرڻ آھي سو ته پورو ٿيندو باقي گھمڻ يا سير تفريح جيتري به ٿي اھو واڌو فائدو ٿيندو . ايئن اسان چئن دوست جن ۾ مبشر ملڪ، عبدالجبار لاشاري ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي شامل ھئا تن وڃڻ لاءِ   ٽڪيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون.

اسان جي پھرين منزل البرٽا صوبي جو  ايڊمنٽن شھر ھو  جنھن جو ھوائي فاصلو  ٽورنٽو شھر  کان اٽڪل 2700  ڪلوميٽر آھي . روڊ رستي اھو 3500 ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ آھي. ايتري فاصلي لاءِ  ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ ڪافي مھانگي ھوندي آھي پر اھو مسئلو ھاڻي ڪن نين ائير لائنن جھڙوڪ فليئر، لنڪس ۽ سوپ  اچي حل ڪيو آھي جن جي ٽڪيٽ 150 ڊالر کان 200 ڊالرن جي وچ ۾ آھي جيڪو وڏين ايئر لائنن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي. شرط اھو آھي ته ان ۾ ھڪ ھينڊ بيگ کڻڻ جي اجازت آھي جيڪڏھن گھڻو سامان آھي ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي. اسان کي چند جوڙا ڪپڙن کڻي وڃڻ جي ضرورت ھئي تنھن ڪري اسان لاءِ اھي نيون ايئر لائنون موزون ھيون.

اسان ڇاڪاڻ ته پنھنجون ٽڪيٽون روانگي کان چند ڏينھن اڳ ورتيون ھيون تنھن ڪري موزون وقت وارين اڏامن ۾ سيٽون ڪونه ٿي مليون . مجبور ٿي  رات جو ساڍي ڏھين بجي ويندڙ لنڪس ايئر جون ٽڪيٽون ورتيونسين جيڪا ايڊمنٽن شھر جي  وقت موجب  2 بجي پھچڻي ھئي. سسٽم موجب  اسان کي پنھنجي چيڪ ان گھر مان ڪري بورڊنگ ڪارڊ  جي پرنٽ ڪڍي يا ان کي موبائيل فون ۾ محفوظ ڪري وڃڻو ھو. جيڪڏھن  اسان ايئرپورٽ تي ايئر لائين کان بورڊنگ ڪرايون ھا ته ان لاءِ اسان کي في ماڻھو  15 ڊالر ادا ڪرڻا پون ھا. اھڙن طريقن سان ھتان جا ادارا  ماڻھن کي پنھنجا ڪم پاڻ ڪرائي  پنھنجو وقت ۽ پئسو  بچائين  ٿا. ايئن معاملا آٽو سسٽم تي تيزي سان منتقل ٿي رھيا آھن جن سان  ادارن جو  ڪم ۽ خرچ  گھٽجي ٿو.

ان حوالي سان تازو جڏھن مون  ھتان جي گو ٽرين  جيڪا ويجھن  شھرن تائين ھلي ٿي تنھن ۾  ان جو سسٽم  ڏسڻ جي ارادي سان سفر ڪيم ته اڳ جي ڀيٽ ۾ اھي گو ٽرين جون اسٽيشنون جتي اسٽاف موجود ھوندو ھو سي بند پيون آھن . اتي رڳو مشينون لڳل آھن جتان ٽڪيٽ وٺي سگھجي ٿي. ٻيو ته گھر مان ڪمپوٽر يا موبائيل فون ذريعي وٺي سگھجي ٿي. ان سفر دوران اھو به معلوم ٿيو ته ھتان جي ملڪي ريل گاڏي جي مکيه اسٽيشنز کي ڇڏي باقي ننڍين سڀني اسٽيشنن تي عملو گھٽائي اتي ٽڪيٽ جي سسٽم کي بند ڪيو ويو آھي. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ھاڻي گھران پنھنجي ٽڪيٽ وٺي اچجي يا پنھنجي فون تان ھنن جي سسٽم ۾ وڃي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي خريد ڪجي. ھي مغربي دنيا ڪيڏي تيزي سان  آن لائين سسٽم تي منتقل ٿيندي ٿي وڃي سو ڏسي حيرانگي ٿئي ٿي. ھاڻي اھو زمانو ويو جو پسئا کيسي ۾ وجھي ھمراھه وڃي اسٽيشن تي پھچي اتان ٽڪيٽ خريد ڪري. ٻيو ته اسٽيشن تي جيڪڏھن عملي جو ڪو ماڻھو موجود به آھي ته اھو توھان جي مدد ڪونه ڪندو فقط معلومات ڏيندو . توھان وٽ جي فون يا ڪمپيوٽر ڪونھي ته اھو توھان جو مسئلو آھي. ھتي ڪنھن به شعبي ۾ سسٽم جي ڄاڻ نه ھجڻ وارو بھانو يا دليل ڪونه ٿو ھلي.

ايئر پورٽ تي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ھٿ ۾ کڻڻ وارو بيگ ھو ، ٻيو ته اسان بورڊنگ پاس اڳ ئي پرنٽ ڪري کڻي آيا ھئاسين تنھن ڪري سيڪيورٽي چيڪ واري حصي مان لنگھي بنا دير جي وڃي ان گيٽ وٽ پھتاسين جتان اسان کي اڏام ۾ سوار ٿيڻو ھو. اسان وٽ ڪافي وقت ھو جيڪو پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي يا ڪافي پيئندي پئي گذاريوسين. وقت تي بورڊنگ شروع ٿي جنھن جي پڄاڻي تي پائلٽ روانگي جو اعلان ڪيو . ايئن اڏام وقت کان 15 منٽ اڳ اڏاڻي. شايد بڪ ٿيل سڀ مسافر اچي چڪا ھئا ان ڪري وڌيڪ ڇا لاءِ ترسن.

اتي ياد آيو ته اسي جي ڏھاڪي ۾ ڪڏھن ڪڏھن بليو لائين جي ويگن ۾  لاڙڪاڻي کان ڪراچي سفر ڪندا ھئاسين . رات جي اھڙي سفر ۾ ڪٿي ماني يا چانهه لاءِ گاڏي روڪيندا ھئا. ھڪ ڀيري اسان مسافر ڪچھري ۾ مست ھئاسين ته ويگن جي  ڊرائيور ٻه ٽي ڀيرا اچي چيو ته اٿو ھلون ته جيئن  مھل تي پھچون  جنھن سان  رات جي پوئين پھر ۾  ننڊ لاءِ ڪجھه وقت ملي ويندو. ان کي ياد ڪندي مون دوستن کي چيو ته شايد پائلٽ کي ايڊمنٽن ۾ رات جو جلدي پھچي ننڊ ڪرڻي آھي تنھنڪري ھن اڏام وقت کان اڳ اڏاري آھي.

مان دري واري سيٽ تي ويٺو ھوس. ان دري مان جھاز جي اڏامڻ ۽ لھڻ واري چر چر ته ڏسي سگھجي ٿي پر پوءِ ھوا ۾ اڏندي  زمين جي نظارن کان اونچو ھوندي مٿي ھڪجھڙو ھوائي منظر ھوندو آھي.  سو مون به جھاز جي دري وٽ ويٺي ، وقت گذارڻ جي خيال کان  ڪڏھن ڪڏھن دري مان ٻاھر جي جھان تي نظر پئي وڌي.

اڏام ۾ معمول موجب  ميزبان ڇوڪريون پنھنجي ڪم سان لڳيون رھيون پر تواضع ۾ فقط ھڪ ڀيرو پاڻي جو گلاس پياريائون. ھنن سستين اڏامن ۾ ٻي تواضع جي سھوليت مھيا ڪونھي. ڪو ضروي به ڪونھي ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اڏام لاءِ ھر ڪوئي گھران ڪجھه کائي پي اچي يا اتي پھچي کائي پيئي. اھڙا خرچ  گھٽائي ھنن ٽڪيٽ سستي ڪئي آھي. اسان جون سيٽون گڏ ھيون تنھن ڪري اسان گھڻو وقت پنھنجي ڪچھري ۾ مصروف رھياسين  تنھن سبب سفر سولائي سان پئي گذريو.

اڏام جو اٽڪل اڌ وقت گذريو ته  گھڻو وقت  واندو رھندڙ انھن چند فضائي ميزبانن مان ھڪ ميزبان عورت  عبدالجبار لاشاري کي ٻڌائڻ لڳي ته ھو ڏسو دري کان  روشنيون نظر اچي رھيون آھن. ان جو نظارو ڏسو. ساڳئي ڳالھه ھن مون کي به چئي . اھو ھو ڪافي مسافرن کي ٻڌائيندي رھي .مان دري واري سيٽ تي ويٺو ھوس تنھن ڪري سولائي سان ڏسي پئي سگھيس. نظر وڌم ته اترين علائقن ۾ روشني جي چٽي پٽي نظر اچي رھي ھئي. پر نه ڪو رنگ نه وري ڪو ان جي چر چر جو چھچٽو. پري ھجڻ تي انھن روشنين جو چٽو نظارو ڪونه ٿي نظر آيو. سوچيم ته ھن ملازم واندڪائي ۾ ڪيترن مسافرن جو ڌيان ڇڪائي خدمت جي ڪا ڪاروائي ته وڌي.

 اتر ۽ ڏکڻ قطبن ويجھو نظر  ايندڙ ھنن رنگين روشنين لاءِ اڳ ڪي ڏند ڪٿائون موجود ھيون. پر ھاڻي انھن تي تحيقيق کان پوءِ سائنسي سبب  سامھون اچي ويو آھي جنھن موجب سج مان برقي قوت سان ڀريل  جزا تيز رفتاري سان ھر طرف وڌن ٿا. زمين جي مدار مٿان جي مقناطيسي تھه انھن کي پوئتي ڌڪي ٿو ڇڏي  پر اتر ۽ ڏکڻ قطبن وٽ مقناطيسي تھه جي ڪمزور ھئڻ ڪري اھي برقي جزا زمين جي مدار ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جيڪي اسان جي فضا ۾ موجود ائٽم ۽ ماليڪيلن سان ٽڪرائن ٿا ته  رنگ برنگي دائري جو  منظر ٺھي ٿو ۽ اھي  چر پر ڪن ٿيون . منظر ايئن لڳندو آھي ته ڄڻ اھي روشنيون   جھمر ھڻن ٿيون . انھن رنگين روشنين جي   چر پر دلڪش ٿئي ٿي تن کي ڏسڻ لاءِ ڪي سياح انھن علائقن جو رخ ڪندا آھن

ماضي ۾ اتر قطبن ويجھو ڪيترن ملڪن جي ماڻھن جو انھن روشنين بابت پنھنجو پنھنجو ويساھه ھو. ڪن موجب اھي اسان جي مري ويل شڪارين جا روح آھن جنھن ڪري انھن روشنين سان احترام ۽ خوف وارو تصور لاڳاپيل ھو. ڪي انساني دنيا ۽ ديوتائن جي دنيا جي وچ ۾ ان کي ھڪ روشني جي پل چوندا ھئا.

ٿورو وقت گذريو ته  پائلٽ اعلان ڪيو ته اسان اينڊمنٽن پھچڻ وارا آھيون ھاڻ اسان جو جھاز لھڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. ايئن مقرر وقت کان اٽڪل اڌ ڪلاڪ اڳ  ئي جھاز اچي لٿو. اسان پنھنجا ننڍا بيگ کڻي جھاز کان ٻاھر نڪري ايئرپورٽ بلڊنگ ۾  داخل ٿي ٻاھر نڪرڻ واري رستي تان ھلندا آياسين. ھي مقامي اڏام ھئي ان ڪري پھچڻ کان پوءِ ڪو ٻيو مرحلو ڪونه ھو تنھن ڪري جلد ٻاھر نڪري آياسين.

(ھلندڙ)