ھڪ جپسي ڪالم … مون چيو مينديءَ کيتَ کي ..

0
364
ھڪ جپسي ڪالم ... ٻه ٽي لُڙڪ ناھن، سمنڊ آ اکين ۾ ...

 اسان جي سنڌي ٻولي به ڪمال جي ٻولي آھي، ھزارن سالن جي تاريخ رکندي به پنھنجو اصلوڪو اسڪرپٽ ئي وڃائي اسان تائين پھتي آھي، اھا انتھا جي حالت آھي جو اسان پنھنجي ٻوليءَ جو پنھنجو ۽ اصلوڪو اسڪرپٽ اڃان تائين محفوظ نه بڻائي سگھيا آھيون، سنڌي ڪڏھن پراڪرتي لپيءَ (اسڪرپٽ) ۾ لکجندي رھي آھي ته ڪڏھن ھَٽَ واڻڪي لپيءَ ۾ ته ڪڏھن وري ھڪ دور ديس جي عربي ۽ فارسي اسڪرپٽ ۾ ، ھڪ سھڻي ۽ وڻندڙ لھجي واري ٻوليءَ ۾ جڏھن فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظَ  مخرج سان ادا ڪري ٿاڦيا وڃن ٿا ته اسان کي پنھنجي ئي ھيءَ امڙ جي لوليءَ جھڙي ٻولي ڄڻ ڪنھن ڌاري ٻوليءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳندي آھي، مان ذاتي طور تي سنڌي ٻوليءَ جي ھندي لھجي ۽ تعلق کي پسند ڪيان ٿو، جيئن ته سنڌي ٻولي گڏيل پراچين ھندستان جي قديم ترين ٻولين مان ھڪ آھي ان ڪري ان جي خوشبوءَ کي جيترو ھندي واس سونھين ٿو اوترو ٻيو ڪوبه لھجو ڪونه سونھين .. شيخ اياز چواڻي جڏھن توھان پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ “ماءُ” لفظ اچاريندئو ته اھڙو سُندر ۽ سُشيل واس وارو احساس توھان کي ٻي ڪابه ٻولي ڪانه ڏيندي. 90 جي ڏھاڪي ۾ اسان جڏھن ڪچا پڪا شعر لکڻ جا جتن ڪندا ھياسين ته منھنجي شھر جي ھڪ سينئر شاعر مون کي محترم فيض بخشاپوريءَ جو شعري مجموعو ڏيندي چيو ھو ته ھي فيض صاحب سنڌيءَ جو غالب اٿَوَ … ھن جي شاعريءَ جھڙي شاعري لکي ويئو ته لک لھندئو … مون جڏھن سائين فيض جو پھريون شعر پڙھيو ھو ته بندش ۽ ترڪيبن منھنجي معصوم ذھنَ تي بيحد وزني ضربَ لڳائڻ شروع ڪيا ھئا ..

دشتِ غزل کي مانندِ گلشن ڪري ڇڏيم

ناز ٿي مون تي پئي سنڌي  زبان ڪري

ايتري ھيوي ۽ پھاڙ جيڏي ڊوز کي سھڻ پنھنجي وس ۾ ڪونه سمجھي سگھيو ھيم. ان ڪري سائين فيض کان وري ڪوبه فيض پني ڪونه سگھيم. اھو ڪتاب ھاڻ به منھنجي ڪتابن جي ڪٻٽ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ سنڀالي رکيل ھوندو . اھو ھڪ ڏکيو ۽ اڻ نيچرل سفر ھو جنھن ۾ ڪٿي به پنھنجي ڌرتيءَ، ان جي وئنو ۽ واس جي ڪابه جھلڪ ڪانه ھئي . مگر ھن مھل منھنجي ٻوليءَ جي نئين ٽھيءَ جا جيڪي ليکڪَ  ۽ شاعرَ پنھنجون تخليقون مختلف فورمس ۽ نيٽورڪس تان مون کي موڪلي ۽ پڙھائي رھيا آھن اھو سفر يقين ڪجي ته ھن مھل پنھنجي ڪمال اوج تي پھتل ڀاسي رھيو آھي . سنڌي ٻولي ھن مھل پنھنجي بقا جي جنگ وڙھندي اھڙا ته سندر ۽ جوان جماڻ جوڌا تيار ڪري رھي آھي، جن کي  ھارائڻ ڪنھن به يوپي ۽ سي پيءَ جي ڪنھن ڄئور کان چڙھيل آھي جيڪي پاڻي ۽ خوراڪ ته سنڌ جي واپرائن ٿا پر پنھنجو ھر رشتو افغاني محمود غزنويءَ ۽ چنگيز خان جي خاندان جي  اورنگزيب جھڙي مذھبي جنونيءَ سان جوڙڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، انھن جي نظرَ ۾ سنڌ جي تاريخ محمد بن قاسم جھڙي چڙھت ڪري ايندڙ عربيءَ جي چڙھائيءَ کان شروع ٿي قيامِ پاڪستان تي اچي انت ڪري ٿي . انھن جي شعور ۽ ڄاڻ ۾ ڪٿي به موھين جي دڙو جھڙو تھذيبي اوج يا رني ڪوٽ جھڙو ڪو فخر جھڙو قلعو بلڪل به ڪونھي .

فيس بوڪ تي اپ ڊيٽس اسڪرول ڪندي ڪندي گھوٽڪيءَ جي ھن منفرد لھجي واري شاعر ۽ ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد فواد ڪلوڙ جي پيج تي پھچي پاز ڪري بيھي رھيس . فواد اسان جي پوئتان ايندڙ معصوم ٽھيءَ جي ھڪ بنھه نڪوري سئن جھڙي صدا وارو شاعر آھي ، ھن جي شاعريءَ جي اڻت ۽ لفظن جو آھنگ بيحد اڇوتو ، اڻ ڇھيل ۽ سڌو سنئون سندر حواسن تي اثر ڇڏيندڙ آھي ..

پنھنجا تَنجَڻَ ، نه ڪي مُنھُن رکيون عرشَ تي

بُک پنھنجون اگھي ٿي اکيون عرشَ ٿي

ڪھڙي مٽيءَ کي ڳوھي تون ٺاھين پئي،

او ڪنڀارڻ ! دِلا ۽ دَکيون عرشَ تي

چپن سان وڄائي، منھنجي ڳلن تي تاڙي، او خواب جي کلاڙي !

تنھنجي ٻکن ۾ آئي اک جي پٺي اگھاڙي، او خوابَ جي کلاڙي !

ٻالڪپڻو ٿيو ٻالڪ، جوڀن ته جوڳ ٿي ويو،ھر روپ سوڳ ٿي ويو،

احوال ڏيندي ڏيندي، سڏڪي پئي ڪراڙي، او خواب جي کلاڙي !

فواد ڪلوڙ سان منھنجي آمھون سامھون ڪابه ملاقات ڪانھي، جڏھن به گھوٽڪيءَ يا ڄامشوري مان ٽرين تي چڙھندو آھي، ڪال ڪندو آھي ته روھڙي اسٽيشن تي 25 منٽ جي اسٽاپ ۾ چانھه پيئنداسين ۽ ڪچھري به ڪنداسين پر اھو موقعو اڄ تائين ساڀيان ڪونه ٿي سگھيو آھي.. ڪڏھن مان ڊيوٽيءَ تان اڳ ۾ ئي آف ٿي ويندو آھيان، ڪڏھن فواد جي ٽرين ليٽ ٿي ويندي آھي. مان سمجھان ٿو فواد سان ملڻ منھنجي شعري جيون جو ھڪ انوکو واقعو ھوندو ڇوته فواد جي شاعري ايتري ته فريش ۽ حواسن تي اثر ڇڏيندڙ آھي جو ھن جي شاعريءَ جي سحر کان بچڻ ناممڪن لڳندو آھي.

روھڙي اسٽيشن جي ڀڪَ ۾ ئي مير يعقوب علي شاھه جي ڪوٽ ۾ ھڪ اھڙو نوجوان رھي ٿو، جيڪو الاھي حوالن سان منفرد ۽ ياد رھجي ويندڙ آھي، مونس رضوي . منھنجي ڊيوٽي پوائنٽ جي حساب سان منھنجو پاڙيسري ۽ اڪائونٽس جي تعليم پرائيندڙ مونس ان ڪري به مون لاءِ گھڻو اھم آھي ، جو مان مونس ۾ سڌو سنئون ھڪ نئين سنڌ کي ڪَرَ موڙيندي ڏسي وٺندو آھيان، جھيڻو جھيڻو ۽ حيرتناڪ لھجي ۾ حيران ڪندڙ ڳالھيون ڪندڙ مونس ھڪ ڪميٽيڊ اڪائونٽنٽ ٿيڻ لاءِ پرَ ساھي رھيو آھي. روھڙي اسٽيشن سامھون ھڪ ھوٽلَ جي ماڙيءَ تي اسان کوڙ ساترو وقت ڪچھريون ڪندي بِتايو آھي . مونس وٽ بنھه نوان خيالَ ھن جي نج پنھنجي لھجي ۾ موجود آھن، ھن جي شاعري نئين ۽اڏامڪ پکيءَ جي حيرتناڪ ۽ پراسرار  اڏام جو ھڪ سندر تجربو آھي.

قرار ۽ ڪيف جو ڦھارو،  پرين ھمارو

پرھ ڦٽيءَ جو آ استعارو، پرين ھمارو

ويا ايئن جو وري نھ موٽيا سمورا ڏکڙا

رڳو اکين سان ڪيئين اشارو، پرين ھمارو

مگر ڏٺي تو ڪٿي آ، ھن جي اندر جي اوجر،

صحيح چوين ٿو، ھيئن تھ ڪارو پرين ھمارو

مونس رضوي اگر ايئن ئي محنتن سان لکندو ۽ مشاھدا ماڻيندو رھيو ته ممڪن آھي سڀاڻي جو سکر ۽ روھڙي شھر شاعريءَ ۾ ھن جي نالي سان مڃاپجڻ لڳي .

ھي اسان جو محبوب سيھوڳي ڪوي ميھڙ جي مينديءَ جھڙو اسد بروھي آھي، بروھي ذاتِ جا اسان جي سنڌي ادب ۽ تاريخ تي اڻ مٽ نقشَ چٽيل آھن. سنڌ جي تاريخ سائين مرحوم رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي نالي کان سواءِ ڪيئن پوري ٿي سگھي ٿي، جنھن پنھنجي ريلوي جي گارڊ واري نوڪريءَ کان ڪافي سالَ اڳ ۾ ئي رٽائرمينٽ ورتي ۽ سنڌ کي جنت السنڌ جھڙو شاندار ڪتاب ڏئي ويو. اسد بروھي گھڻو تڻو نظم لکيو آھي ۽ نظم ۾ ھن جو لھجو بيحد شيرين ۽ وڻندڙ رھيو آھي

اڀ تي ڪنھن واءُ جا،

پيرليڪيا ڪونه ھا،

ڪنھن به رت جي رقص ۾،

توکي ڳايو ڪونه ويو،

گائڪيءَ جا گُرَکڻي،

گنگنايو ڪونھ ويو،

آئون الغوزي جيان،

واھه تي وڄندو وتان،

……. تون الئي ايندينءَ ڪڏھن

اسد  بروھي اڄ ڪلھه ڪنھن بينڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ ٻه ۽ ٻه چار ڪرڻ جي ٽريننگ وٺي رھيو آھي بلڪل ندا فاضليءَ جي ان شعرَ جيان

دو اور دو ڪا جوڙ يھان پر، چار ڪھان ھوتا ھي

سوچ سمجھه والون ڪو ٿوڙي ناداني دي مولا !

۽ ھي ڪالم جي آخر ۾ ننڍڙيءَ وھي ۾ حيران ڪندڙ ڪتابَ ڏيندڙ اسان جو پيارو ڪوي احمد شاڪر آھي جنھن جا 25 سالن جي عمر تائين مان ڀانيان پنج کن بھترين ڪتابَ ڇپجي چڪا آھن ۽ مان ڀانيان ٿو ھاڻ به ۽ ھن مھلَ به ڪنھن نه ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رھيوھوندو، احمد جي لکڻين جي اسپيڊ ۽ معيار کي ڏسي لڳي ٿو ھو سڀاڻي جي سنڌ جو گھڻ پڙھيو ويندڙ ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ تاريخ دان ٿي اڀرندو . سنڌ جو آئينو اگر اھڙن سندر ۽ ڪميٽڊ نوجوانن جي ھٿ ۾ ھجي ته ڪھڙي دشمن جي مجال آھي جو اسان جي سنڌ جي ٻوليءَ ۽ ادبَ ڏي ميري اک کڻي به نھارڻ جي جرئت ڪري سگھي .

پرچم ڪارا ، ڪپڙا ڪارا، قيدي سنڌ

سيني تي ھٿَ، سوڳ ۾ سارا قيدي سنڌ

ڳترا ڳترا وکريل، وکريل ڪيڏا جسمَ

شاڪر منڍين جا لابارا، قيدي سنڌ

غلامي  جي شڪل ٺاھي ڏيکاري ٿي

بدن تان ڄڻ لٽو لاھي، ڏيکاري ٿي

وڏي واڪي ٻڌائي ٿي، ڏيکاري ٿي،

خوشي ڇاھي، غمي ڇاھي ڏيکاري ٿي

(احمد شاڪر)