ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي، بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان بگ باس او ٽي ٽي، جي نئين سيزن سان گڏ سامهون اچي رهيو آهي. بگ باس او ٽي ٽي، سيزن ون جي ميزباني ڪرن جوهر جي مئي جنهن ۾ ويويا اگروال ڪامياب ٿي هئي، هاڻ خبر سامهون آئي ته سلمان خان سيزن ٽو جي شوٽنگ ريپر سنگر رفتار سان گڏ ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته سلمان خان نئين سيريز لاءِ پنهنجي شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.