سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ھاليجي شريف، خاصو، چيچڙو ۽ ٻين علائقن ۾ چوپائي مال ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيندا پيا وڃن، ان حوالي سان ڀاڳين نظر محمد مھر، علي نواز شيخ ،غلام سرور ناريجو  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بيمارين وگهي چوپايو مال مري رهيو آهي پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته هڪ مهيني اندر پراسرار بيماري وگهي سوين ٻڪريون، رڍون، مينھون ۽ ڳئون مري ويون آھن، جنھن سبب اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن لائيو اسٽاڪ کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي جانورن جو علاج ڪرايو وڃي.