قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ 2 هفتا اڳ پرڻايل ناري مبينا گم، عورت جي والدين ۽ مڙس طرفان هڪ ٻئي تي گم ڪرڻ جا الزام، احتجاج. خبر موجب ڳوٺ حمل جي رهواسين پيار علي چانڊيو ۽ سندس زال مسمات اربيلان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس نياڻي ثمينا جي شادي 2 هفتا اڳ بروهي محلي جي رهواسي احمد نواز چانڊيو سان ٿي هئي، جنهن اسان جي ڌيءُ کي گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته مڙس چئي رهيو آهي ته ثمينا توهان ڏانهن آئي آھي، جڏھن ته هوءَ اسان وٽ ناهي پهتي. هوڏانهن ناري جي مڙس احمد نواز چانڊيو پيرسن ماءُ مريم خاتون سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته پئسن عيوض ثمينا جو سڱ ورتو، هفتو اڳ زال والدين جي گهر گهمڻ وئي ته هنن کيس روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن الٽو الزام اسان مٿان هنيو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي زال واپس ڏياري وڃي.