اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت 29 سيپٽمبر تي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ مستقل سيڪريٽري جي مقرري نه ڪري سگهي آهي، جوهر سليم بدستور  قائم مقام پرڏيهي سيڪريٽري طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي، ذريعن موجب حڪومت پاران پرڏيهي سيڪريٽري جي مقرري لاءِ سينيئر سفارتڪارن جي گريڊ 22 ۾ ترقي جو انتظار ڪيو پيو وڃي، سفارتي ذريعن مطابق پرڏيهي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي ڪجهه نالا موڪليا ويا هئا،  حڪومت ڪنهن اهڙي سفارتڪار کي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي گريڊ 22 ۾ ترقي نه ٿي آهي ته جيئن ڊگهي عرصي تائين ذميواريون انجام ڏئي سگهي، پرڏيهي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ جوهر سليم، اسد مجيد خان، معين الحق ۽ سائرس قاضي جا نالا سينيئر سفارتڪار ۾ شامل آهن، اسد مجيد خان برسلز ۾ سفير آهي ۽ ايندڙ سال رٽائرڊ ٿيندو، سائفر جي مامري سبب ان جي شهرت متاثر ٿي جنهن بعد ان جي مقرري جو امڪان گهٽ آهي، جوهر سليم، معين الحق به ايندڙ سال رٽائر ٿي ويندا، جڏهن ته ترڪي ۾ مقرر پاڪستاني سفير سائرس قاضي کي پرڏيهي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزون سمجهيو پيو وڃي پر اهو گريڊ 21 ۾ آهي ۽ وفاقي پرڏيهي سيڪريٽري جي حيثيت سان مقرري لاءِ گريڊ 22 ۾ هجڻ ضروري آهي، سائرس قاضي به ايندڙ سال رٽائر ٿيندو پر ٻين سينئر سفارتڪارن کان سندس سروس وڌيڪ هوندي، حڪومت سائرس قاضي جي گريڊ 22 ۾ ايندڙ سال امڪاني ترقي جو انتظار ڪري رهي  آهي، پرڏيهي وزارت جي سينارٽي لسٽ ۾ چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق به شامل آهي، جنهن جو نالو پڻ پرڏيهي سيڪريٽري طور غور هيٺ آهي.