رياض (دلچسپ نيوز) اسلامي دنيا جي اهم ترين ملڪ سعودي عرب جي حڪومت پنهنجي سياحتي قانونن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪندي تڪراري جنسي رجحان رکندڙ ماڻهن يعنيٰهم جنس پرستن، ٽرانس جينڊرز ۽ باءِ سيڪسوئل کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سعودي عرب جي سياحت سان واڳيل سرڪاري ويب سائيٽ تي ڪجهه اپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن جن مان هڪ اها به  آهي ته هن جنس پرستن، ٽرانس جينڊرز ۽ بائي سيڪسوئل کي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان کان اڳ سياحت بابت سرڪاري ويب سائيٽ تي اهڙي ڪا اپ ڊيٽ نه هئي.