سعودي عرب: ويڪسينيشن مڪمل ڪرائيندڙ سياحن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت

0
449

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب ويڪسينيشن مڪمل ڪرائيندڙ سياحن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آھي، عرب ميڊيا موجب سعودي عرب 17 مھينن جي بندش بعد ملڪ ۾ سياحن جي لاءِ در کولي ڇڏيا آھن، جنھن تحت ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز ھڻائيندڙ مڪمل وڪيسين ٿيل سياحن کي پھرين آگسٽ کان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آھي، سعودي جي سياحت واري وزارت جو چوڻ آھي تھ پھرين آگسٽ کان نافذ پاليسي تي پورو لھندڙن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.