ٿر ۾ شڪار لاءِ آيل شڪاري پاڻ شڪار ٿي ويو

0
682

ڇاڇرو:ٿر ۾ پنجاب جي علائقي ميانوالي کان شڪار لاءِ آيل شڪاري پاڻ نانگ جو شڪار ٿي ويو. 55 ورهين جو رجوير ولد پوتاب ٿر ۾ باز جو شڪار ڪرڻ لاءِ آيل هو ته کيس تعلقي جي ڳوٺ سلطان جي ڍاڻي ڀرسان جهنگ ۾ خطرناڪ زهريلي نانگ ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو، کيس ڇاڇرو تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو. رجوير ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ ۾ به شڪار لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٿر آيو آهيان پر هن ڀيري نانگ ڪکي وڌو، هاڻ گهر وارا اچن ۽ منهنجو علاج ڪرائن.