سعودي عرب لبنان جي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
767

رياض: سعودي عرب لبنان جي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ لبنان مان سمورين شين جي امپورٽ تي پابندي به لڳائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب پاران اهڙو سخت ردعمل لبنان جي سڌسماءَ واري وزير جي ان وڊيو بيان تي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لبناني وزير يمن واري معاملي تي سعودي عرب جي قيادت ۾ قائم ٿيل اتحاد تي تنقيد ڪئي هئي

لبناني وزير جارج ڪورداهي پنهنجي ان وڊيو ۾ يمن بابت سعودي اتحاد تي تنقيد ڪندي چيو هو ته يمن جا حوثي پرڏيهي جارحيت خلاف پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهن. سعودي حڪومت لبنان جي سفير کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ لبناني شهرين جي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ ۽ لبنان جي سمورين شين جي امپورٽ تي پابندي به لڳائي ڇڏي آهي

سعودي عرب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبناني اختيارين پاران حقيقتن کي لاڳيتو نظرانداز ڪرڻ ۽ درست قدم کڻڻ ۾ ناڪامي تي سعودي حڪومت کي لبنان سان لاڳاپن ۾ برآمد ٿيل نتيجن تي افسوس آهي. لبنان جي سڌسماءَ واري وزير پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته سندس اهو بيان ذاتي نوعيت جو آهي جيڪو هن وزارت جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ ڏنو هو. سعودي عرب کانپوءِ بحرين به هن معاملي تي لبنان جي سفير کي ٻن ڏينهن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي سعودي عرب جي قدمن تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان سعودي اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪيون ته هن بحران مان نڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪن