پيرس (م ڊ) سعودي عرب فرانس سان نون لاڳاپن جي شروعات ڪندي ڪيترن ئي سائنسي ۽ سماجي ٺاهن تي صحيحون ڪيون آهن. اهي ٺاهه سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي فرانس جي دوري جي موقعي تي ٿيا، نئين ٺاهن تحت فرانس جي السٽم ڪمپني رياض ميٽرو ۾ 69 ٽرينن جو اضافو ڪندي نئين جديد سسٽم جي اڏاوت ۾ سعودي عرب جي مدد ڪندي.