سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ 3 ڏينهن اڳ گرم کير جي تئي ۾ ڪري سڙي سخت زخمي ٿيل ٻن ڀينرن مان هڪ فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ ڪالهه 5 سالن جي بسما بروهي گهر ۾ زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي نينگري زهرا بروهي کي گمبٽ اسپتال داخل ڪيو ويو. نينگرين جي والد ٻڌايو ته کيس ڏهي جو دڪان آهي، هر روز گهر ۾ کير گرم ڪري ڏهي ٺاهي وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندو آهيان، ٻئي ڀينرون کٽ تي راند کيڏي رهيون هيون ته اوچتو کٽ تان ھيٺ ڪري گرم کير جي تئي ۾ ڪري پيون. واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.