گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي باءِ پاس نيشنل هاءِ وي تي 3 هفتا اڳ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ ارباب ڪلادي واسي 2 ڄڻا پرويز ڪلادي ۽ صدورو ڪلادي فوت ٿي ويا هئا ۽ اهڙي واقعي جو گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي امداد گهوٽو سميت ٻن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، گهوٽا برادري جي ماڻهن علائقي جي چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري ڳوٺ ارباب ڪلادي پهچي فوتين جي وارثن وسند ڪلادي ۽ ٻين وٽ پهچي غلطي تسليم ڪئي جنهن بعد فوتين جي وارثن ميڙمنٿ قافلي کي مان ڏيندي ٻنهي ڄڻن جو خون معاف ڪري ڇڏيو ۽ داخل ڪيس سومر ڏهاڙي واپس ورتو ويندو.