اسلام آباد: ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ فوربڊن اسٽوريز اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ته اها فهرست ڪٿان حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ انهن ماڻهن جا نمبرز شامل آهن جن جا موبائل فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ شايع ڪيا ويندا، جڏهن ته ايمنسٽي انٽرنيشنل جي فهرست ۾ ڏنل نمبرز مان 67 سمارٽ فونز جو جائزو ورتو ويو جن تي شڪ هو ته انهن کي جاسوسي جو نشانو بڻايو ويو آهي، جن مان 23 فونز ۾ اهو ثابت ٿيو ته انهن تي هيڪنگ جا حملا ڪامياب ٿيا 14 فونز اهڙا هئا جن تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهي ڪامياب نه ٿيا، 30 نمبرز تي تجزيو مڪمل نه ٿي سگهيو ڇو ته انهن جا فونز تبديل ڪيا ويا هئا.