اسلام آباد: آذربائيجان جي صحافي خديجه اسماعيليوا سان جو فون هيڪ ڪيو ويو، حڪومت مٿس 5 سال سفري پابندي لڳائي هئي ۽ سندس ايتري قدر سخت جاسوسي ڪئي پئي وئي جو سندس گهر ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳايون ويون ۽ هن جي بواءِ فرينڊ سان گڏ لاڳاپن واريون وڊيوز به کيس بدنام ڪرڻ لاءِ جاري ڪيون ويون، کيس 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، 18مهينن بعد خديجه مئي 2021ع ۾ آزاد ٿي پر سندس موبائل فون ٽن سالن کان اسرائيلي ڪمپني اين ايس او جي ٺاهيل جاسوس سافٽ ويئر جي مدد سان مسلسل نگراني جو شڪار هو، فون جو سمورو مواد، سندس چرپر، فون جي ڪيمرا ۽ مائيڪ جو ڪنٽرول سافٽ ويئر استعمال ڪندڙ وٽ هو.