سانگهڙ (ن پ ا) سانگهڙ شھر جي نظاماڻي پاڙي جي رھواسي آصف نظاماڻي ننڍي ڀاءُ عدنان نظاماڻي کي پسٽل جي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي کي سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو. سانگهڙ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار آصف نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.