سانگهڙ (ن پ ا) سانگهڙ لڳ پسند شادي ڪندڙ ناري جي اغوا ڪوشش، مزاحمت تي عورت قتل، ان ڏس ۾  ڳوٺ جان محمد خاصخيلي ۾  نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي سڀاڳي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف سڀاڳي خاصخيلي جي وارثن درويش خاصخيلي ٻڌايو ته سائين بخش خاصخيلي ۽  عائشه پسند جي شادي ڪئي هئي،  ان تڪرار سبب ڪجهه ڏينهن اڳ سانگهڙ جي ڪورٽ ٻاهران  سائين بخش خاصخيلي جي والد  ادي بخش خاصخيلي  قتل ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته مائٽ عائشه کي اغوا ڪرڻ آيا هئا، مزاحمت تي سڀاڳي کي گوليون هنيو ويون.