سانگهڙ (رپورٽر) پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي سبب سانگهڙ شھر کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ سانگهڙ شاخ هڪ هفتي کان بند پيل، شھري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي اٿيا. سانگهڙ شھر ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن جي انتظامي نا اهلي سبب شھر کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ تلاءَ خالي ٿي ويا جنهن سبب شھر ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي وئي، شھري پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان ٿي ويا. پنھنجي اخبار پاران تلائن کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ شاخ کي بند ڪرڻ جي حوالي سان ايريگيشن عملدارن کان موقف ورتو ويو ته ھنن جو موقف ھو ته اسان اڳواٽ پبلڪ ھيلٿ کاتي کي آگاهه ڪيو ھو ته شاخ بند ڪئي ويندي، اوھان پنھنجا تلاءَ ڀري وٺو. اسان کي شاخ ويھين تاريخ تي کولڻي ھئي پر اسان اڄ شام جو شاخ کولي ڇڏينداسين. سٽيزن ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن محمد رحيم خاصخيلي، خليل بلوچ ، عبدالقيوم لانڊر ۽ ٻين چيو ته انگهڙ شھر ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو شھر آھي پر پوءِ به شهر کي ھر بنيادي سھولت کان محروم رکيو ويو آهي. ھنن چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اھا نااهلي روايتي نااهلي نه پر ڏوهه جي ذمري ۾ ايندڙ نا اھلي آهي. اسان کي خبر نه آهي ته ايريگيشن جو ڏوهه آهي يا ڪنھن جو پر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن جي سڌي سنئين نااھلي آهي. ھنن چيو ته ھڪ ته اھو ڪير ٻڌائيندو ته شھر کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ شاخ تي وارا بندي ڪري سگھجي ٿي يا نه، ٻيو ته شھر اندر پاڻي ورڇ جو ڪو مربوط نظام موجود نه آهي. جيڪي به سپلاءِ جون لائينون آھن، انھن کي ڪنٽرول وال لڳل نه آهن. شھر جي ھڪڙن علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ چويهه ڪلاڪ آهي ٻين علائقن ۾ کوٽ ھوندي آھي.